Thursday , April 18 2024

ارب پتي بڻيل زرداري ۽ اومني گروپ جي 20 سالن دوران 6600 رپيا سيڙپڪاري

ڪراچي (رپورٽ: اصغر آزاد سنڌسماءَچار) سنڌ ۾ شگرملز، فارم هائوسز، زرعي زمينن، قيمتي پلاٽن ۽ ٻين ملڪيتين توڙي ڪاروبار ۾ عروج تي پهتل زرداري گروپ آف ڪمپنيز ۽ اومني گروپ آف ڪمپنيز بابت انڪشاف ٿيو آهي ته انهن جي ابتدائي سيڙپڪاري رڳو 6 سئو رپيا هئي، جيڪا 20 سالن دوران 600 رپين جي سيڙپڪاري تي پهتي ۽ آخري 17کان18سالن دوران وڏا ڪاروباري گروپ بڻجي ويا. جعلي اڪائونٽس ڪيس ۽ ان جي آڌار تي نيب پاران داخل ڪرايل مختلف ريفرنس جي سلسلي ۾ www.sindhsamaachar.com کي ذريعن کان مليل معلومات موجب، زرداري ۽ اومني گروپ 1981 ۽ 2001 کان سيڙپڪاري ذريعي پنهنجو ڪاروبار شروع ڪيو. زرداري ۽ اومني گروپ 1981 ۽ وري 20 سالن کانپوءِ 2001 ۾ ترتيبوار جيڪا سيڙپڪاري ڪئي اُها قانوني رڪارڊ مطابق رڳو 600 سئو رپيا ۽ 6000 هزار رپيا هئي. ذريعن جو چوڻ آهي ته جعلي بئنڪ اڪائونٽس ڪيس جي جاچ ۽ جي آءِ ٽي توڙي بعد ۾ ڪمبائين انويسٽيگيشن جي جاچ ۾ انڪشاف سامهون آيا آهن ته، 2001 کانپوءِ زرداري گروپ خاص طور تي اومني گروپ ڏسندي ئي ڏسندي ڪاروبار ايترو وسيع ڪري ڇڏيو جو اهڙي ڪاروباري ۽ سيڙپڪاري جي ترقي جو مثال ئي نه ٿو ملي.

ان ئي سلسلي ۾ www.sindhsamaachar.com کي ذريعن کان مليل معلومات مطابق اومني گروپ سنڌ ۾ شگر انڊسٽر جو شهنشاهه گروپ بڻجي ويو، سنڌ حڪومت جي بند پيل يا گهاٽي ۾ ويندڙ صنعتن جي بحالي واري منصوبي ذريعي اومني گروپ سنڌ جي خزاني مان ڀرپور فائدو حاصل ڪيو، ان سان گڏوگڏ شگر ملز کي صوبائي حڪومت پاران سبسڊي ڏيڻ وارن منصوبن به اومني گروپ جي ترقي ۾ ڪرنگهي جي هڏي طور ڪردار ادا ڪيو. اومني گروپ کي سنڌ حڪومت پاران ملندڙ رعايتن  ۾ سنڌ تڏهوڪي ناڻي واري وزير ۽ موجوده وڏي وزير سيد مراد علي شاهه؛ جنهن وٽ هن وقت به ناڻي واري کاتي جو قلمدان آهي، اومني گروپ جو مک سهڪاري رهيو آهي. www.sindhsamaachar.com کي ذريعن کان مليل معلومات اها دعويٰ به سامهون آئي آهي ته، وڏي وزير سيد مراد علي شاهه، صنعتن واري صوبائي کاتي جي اڳوڻن ۽ موجوده وزيرن ۽ سيڪريٽريز خلاف به ڪارروائي شروع ڪرڻ تي ويچاريو پيو وڃي. ذريعن جو چوڻ آهي ته سنڌ جي ڪامرنس اينڊ انڊسٽريز کاتي جي اڳوڻن وزيرن خلاف مختلف سِڪ – انڊسٽريز جي بحالي واري منصوبي ۾ اومني گروپ کانسواءِ ٻين صنعتن ۽ انهن جي  مالڪن کي به جاچ ۾ شامل ڪيو ويندو.

About Asghar Azad

Check Also

هاڻي جنهن به ملڪ وڃون ٿا ته منهن ڏسي سمجهي ٿا وڃن ته پئسا وٺڻ آيا آهن: وزيراعظم شهباز شريف

ڪراچي (مانيٽرنگ ڊيسڪ   سنڌسماءَچار) اسان کي پنڻ جو سلسلو بند ڪرڻو پوندو، هاڻي جنهن به …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *