Friday , March 29 2024

ادارن ۾ مداخلت جا اُگرا نتيجا نڪري سگهن ٿا، ذميوار وفاقي حڪومت هوندي: پيپلز پارٽي

نئون ديرو / لاڙڪاڻو (رپورٽرز    سنڌسماءَچار) پيپلزپارٽي خبردار ڪندي چيو آهي ته ڪرپشن جي نالي تي ملڪ ۾ اپوزيشن خلاف جاري هڪ طرفيون ڪارروائيون بند نه ڪيون ويون ته ان جا خطرناڪ نتيجا نڪري سگهن ٿا، جهن جي ذميوار حڪومت هوندي، احتساب جي نالي تي انتقام بند نه ٿيو ته مناسب وقت تي پارٽي جي سمورين تنظيمن کي هدايتون ڏنيون وينديون ته ڇا ڪرڻو آهي. نئون ديرو هائوس ۾ آصف زرداري ۽ بلاول ڀٽو زرداري جي صدارت هيٺ سي اي سي جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ ٻين اڳواڻ شرڪت ڪئي. اجلاس کانپوءِ ميڊيا کي بريفنگ ڏيندي فرحت الله بابر، قمر الزمان ڪائرا ۽ شيري رحمان چيو ته، فرحت الله بابر چيو ته سپريم ڪورٽ جو پاڻمرادو نوٽيس وٺڻ وارو اختيار لامحدود آهي، ان جي خلاف اپيل به نه ٿي ڪري سگهجي، پارليامينٽ کي سو مو ٽو اختيار جو جائزو وٺڻ گهرجي.هن چيو ته ڪجهه ادارا ٻين جي معاملن ۾ مداخلت ڪري رهيا آهن، جنهن سان ملڪ ۾ انارڪي ڦهلجي رهي آهي.هن چيو ته ارڙهين ترميم يا اين ايف سي ايوارڊ کي رول بيڪ ڪيو ويو ته ان سان وفاق کي ازالي نه ٿيڻ جوڳا نقصان پهچي سگهن ٿا.

هن چيو ته ڪرپشن جي نالي تي ملڪ ۾ اپوزيشن خلاف جاري هڪ طرفيون ڪارروائيون بند نه ڪيون ويون ته ان جا خطرناڪ نتيجا نڪري سگهن ٿا، جنهن جي ذميوار حڪومت هوندي. ان موقعي تي شيري رحمان ۽ قمر زمان ڪائرا چيو ته پ پ ڪڏهن به احتساب کان پوئتي ناهي هٽي پر احتساب جي نالي تي انتقامي ڪارروايون ڪنهن به صورت ۾ برداشت نه ڪيون وينديون.هن چيو ته جي آءِ ٽي ۾ الزام لڳايا ويا آهن، جن جي جواب لاءِ ڪاپي به ناهي ڏني وئي، رپورٽ جي بنياد تي اهڙو تاثر ڏنو پيو وڃي ڄڻ اسان تي ڏوهه ثابت ٿي ويو آهي. وفاقي حڪومت جا وزير واضح طور چئي چڪا آهن ته کين 18 هين ترميم تي اعتراض آهن. حڪومت پنهنجي نااهلي لڪائڻ لاءِ احتساب جو ڊرامو رچائي رهي آهي، پيپلز پارٽي خلاف جيڪا ميڊيا ٽرائل ڪئي پئي وڃي، ڇا حڪمران ان جو ازالو ڪري سگهندا.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *