Friday , March 29 2024

سنڌ حڪومت پاران احساس ڪفالت پروگرام جي رقم وٺندڙن جي ڪرونا ٽيسٽ ڪرائڻ جو فيصلو

احساس ڪفالت جي رقم وٺندڙن جي ڪرونا ٽيسٽ ٽنڊو محمد خان کان شروع ڪرڻ جو امڪان

ڪراچي( رپورٽ: آفاق ڀٽي  سنڌسماءَچار) سنڌ حڪومت پاران احساس ڪفالت پروگرام تحت رقم وصول ڪندڙ سمورن ماڻهن جي ڪرونا ٽيسٽ ڪرائڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي. وفاقي حڪومت پاران لاڪ ڊائون دوران متاثر ٿيندڙ غريب ۽ ڏهاڙي تي مزدوري ڪندڙ ماڻهن توڙي گهٽ آمدني وارن ماڻهن لاءِ احساس ڪفالت پروگرام ذريعي 12 هزر رپيا روڪ امداد ڪرڻ واري پورگرام تحت رقم ورهائڻ دوران عورتن جي پيهه جون خبرون اچڻ کانپوءِ سنڌ حڪومت اهم فيصلو ڪري ورتو آهي. ذريعن کان مليل ڄاڻ مطابق سنڌ حڪومت پاران هيل تائين احساس ڪفالت تحت رقم وصول ڪندڙ سمورن ماڻهن جي مرحليوار ڪرونا ٽيسٽ ڪرائڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته، ابتدائي طور تي ٽنڊو محمد خان، حيدرآباد، سانگهڙ ۽ ڄامشورو ضلعن ۾ انهن سمورن ماڻهن / عورتن جي ٽيسٽ ڪئي ويندي جن جن احساس ڪفالت جي رقم وصول ڪئي آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته شروعات ٽنڊُ محمد خان ضلعي کان ڪئي ويندي. ان سلسلي ۾ اها به ڄاڻ ملي آهي ته سنڌ حڪومت جي اهڙي فيصلي جي صوبائي ڪابينا جي ڪجهه ميمبرز ۽ سنڌ حڪومت جي ڪجهه اهم ڪامورن مخالفت ڪري ڇڏي آهي ۽ امڪان اهو به آهي ته ان بابت سنڌ ڪابينا جي اڄوڪي ٿيندڙ اجلاس ۾ ان معاملي تي هنگامي ايجنڊا طور تي شامل ڪري غور ڪيو وڃي ۽ رقم وٺندڙن جي ڪرونا ٽيسٽ بابت سنڌ ڪابينا کان مڻظُري ورتي وڃي.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *