Saturday , April 20 2024

احتساب عدالت ۾ اسڪارپ کاتي جي 17 انجنيئرز کي ڪرپشن ثابت، 5-5 سال قيد جي سزا

سکر( سنڌ سماءَ چار نيوز) سکر جي احتساب عدالت اسڪارپ کاتي خيرپور ۾ڪرپشن ثابت ٿيڻ تي ايگزيڪيوٽو انجنيئر سميت 17ڄڻن کي 5_5 سال قيد جي سزا ٻڌائي سمورن جوابدارن کي جيل منتقل ڪري ڇڏيو آهي. احتساب عدالت جوابدارن کي ڪرپشن ڪيل رقم ڏنڊ طور ادا ڪرڻ جو حڪم ڏنو ۽ ضمانت تي آزاد ٿيل سمورن جوابدارن کي هٿڪڙيون لڳائي جيل اماڻيو ويو. احتساب عدالت سکر جي جج امير علي مهيسر جي عدالت سال 2015ع ۾ اسڪارپ کاتي خيرپور ۾ ٽيوب ويلن ۽ ٻين پراجيڪٽس ۾ ڪرپشن بابت ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي.

عدالت ڏوهه ثابت ٿيڻ تي اسڪارپ کاتي جي ايگزيڪيوٽو انجنيئر رجب علي شاهه، انجنيئر جاويد ٽانوري، عبدالغني ڪانڌڙو، نثار شيخ، امان الله گھانگھرو،  ٺيڪيدار رميز رجب، نظام الدين سهتو، سجاد علي، فواد احمد، اعجاز ميمڻ، نبي بخش مھر، امير بخش مھر،شايان علي ۽ روشن گھانگھرو سميت 17ڄڻن کي 5-5 سال قيد ۽ ڪرپشن ڪيل رقم ڏنڊ طور ڀري ڏيڻ جي سزا ٻڌائي ڇڏي آهي.عملدارن ۽ ٺيڪيدارن تي الزام هو ته هنن سال 2015ع ۾ خيرپور ضلعي ۾ بند ۽ خراب پيل ٽيوب ويلن کي فنڪشنل ڄاڻائڻ سميت پراجيڪٽس ۾ اٽڪل 75 لک رپين جي ڪرپشن ڪئي هئي. نيب سکر احتساب عدالت کي ريفرنس ڏيڻ بعد سمورن جوابدارن کي کي جيل اماڻي ڇڏيو آهي، جڏهن ته عدالت انجنيئر آغا فيض رسول کي پڻ 5 سال سزا ٻڌائي وئي، جيڪو روپوش ٿي ويو آهي.

About Asghar Azad

Check Also

نيون تڪبنديون، سنڌ جي چئن ضلعن ۾ قومي ۽ صوبائي اسيمبلي جون4 سيٽون گهٽجي ويون

ڊجيٽل آدمشماري ۾ سنڌ جي آبادي تي هنيل ڌاڙي ۽ پيپلزپارٽي جي اقتداري لالچ جا …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *