Friday , March 29 2024

احتجاج ڇو ضروري آهي..؟؟ – صداقت ميمڻ

خبر ناهي ته دنيا جي تاريخ ۾ ڪنهن بااثر آڏو پهريان ڪهڙي انسان احتجاج ڪيو هوندو، سندس حشر ڇا ٿيو هوندو يا ان وقت جي ماڻهن به سندس سڏ ۾ سڏ ڏنو هوندو، توڙي جو ان وقت ڪنهن هڪ علائقي جي ماڻهو جو ٻي علائقي سان رابطو رکڻ تمام مشڪل هو، بهرحال هاڻي ته جديد دور آهي، دنيا جي ماڻهن جا هاڻي رابطا ايترا ته هڪ ٻئي سان تيز آهن، جيئن گڏ جسماني طور ويٺا هجن، پرنٽ ۽ اليڪٽرانڪ ميڊيا ته پنهنجي جاءِ تي پر سوشل ميڊيا دنيا جي ماڻهن کي ملائي ڇڏيو آهي، هزارين ڪلوميٽرن جا فاصلا ٽچ اسڪرين تي آڱر رکڻ سان ختم ٿيو وڃن، منهنجي عمر 27 سال آهي، پر سنڌ جي تاريخ ۾ تمام بهترين احتجاج نظر آيا آهن، پر انهن ۾ صرف هڪ ٻه سياسي ڌريون منظر تي هونديون آهن، انهن ۾ قوم پرست سياستدان هجن يا ٻيا، پر ٻي جيڪا مخلوق هتي رهي ٿي. انهن جو ڪوبه ڪردار نظر ناهي ايندو، خبر ناهي ڇو اسانجو يونيورسٽي مان تعليم يافته نوجوانن جي اڪثريت به خاموش نظر ايندي آهي، ڀلي سندن کان واڌو فيسون ورتيون وينديون هجن، شاگرد يونين تي پابندي هجي يا وري سندن جي آس پاس رهندڙ غريب بي پهچ ماڻهن سان طاقتورن جو جبر هجي پر هر طرف خاموشي نظر ايندي آهي، ڪڏهن  ڪڏهن ته ڪو متاثر پنهنجي مٿان ٿيندڙ ڏاڍ جبر جي دانهن به ناهي ڏئي سگهندو ڇاڪاڻ ته دانهن ڏيڻ جي نتيجي ۾ کيس مٿان ٻيهر ظلم ٿيڻ جو خطرو رهندو آهي، پر جيڪڏهن ڪو احتجاج ڪرڻ لاءِ ميدان ۾ لهندو آهي ته اسان سندس آواز ٿيڻ لاءِ تيار ناهيون هوندا، اسان کي حڪومتن، ادارن کان ڪنهن مظلوم کي انصاف ملڻ جو انتظار ڪرڻ بدارن اهڙو عمل ڪرڻ گهرجي جنهن سان رياستي مشينري انصاف ڏيڻ تي مجبور ٿئي، اهو تڏهن ممڪن آهي، جڏهن اسان ڏاڍ جبر ظلم خلاف آواز اٿارڻ لاءِ تيار ٿينداسين، پوءِ هو ڏاڍ جبر پنهنجي پاڻ سان ٿيو هجي يا ڪنهن ٻئي سان، ڪو اجتمائي مسئلو هجي يا انفرادي پر غلط عمل تي هاڻي خاموش رهڻ انسان جي بيوقوفي هوندي، ڇو ان معاشري ۾ جتي ڏاڍ جبر عام هجي، اتي هر ڪمزور انسان کي طاقتور ضرور نقصان پهچائي ٿو.

ان ڪري هاڻي ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته ڪمزور سڀ گڏ ٿي جيڪڏهن طاقتور کان ڇني حق نٿا وٺي سگهن پر متحد مظلوم ٿي دانهون ضرور ڪري سگهن ٿا، پوءِ هاڻي خاموشي ٽوڙي پنهنجي مظلوميت دنيا آڏو ظاهر ڪجي، ان لاءِ ضروري ناهي ته اسان تشدد جي راهه اختيار ڪيون، هاڻي اسان وٽ پريس ڪلب، پرنٽ اليڪٽرانڪ ميڊيا ڪجهه وکن تي موجود هجڻ سان گڏ پنهنجي هٿن ۾ موجود سوشل ميڊيا پوري جهان کي ڳنڍي ڇڏيو آهي، جنهن جي ذريعي سان پنهنجا مطالبا، مڃرائڻ سان گڏ هر غلط عمل کي روڪي سگهون ٿا، جيڪڏهن اسان ڪنهن هڪ متاثر لاءِ آواز نٿا اٿاريون ته ٻيا وڌيڪ متاثر ٿين ٿا، جنهن جا ذميوار اهي سڀ اسين آهيون جن وٽ ڄاڻ آهي، مسئلن جا حل آهن، طاقتورن کي جهڪائڻ جي سگهه آهي، پر هڪ شيءِ آهي، جنهن سبب اسان خاموش آهيون، اهو ڊپ، پر ڊپ ته تڏهن ئي آهي، جڏهن ته ظلم خلاف اسين خاموش آهيون، پوءِ اچو ته خاموشي ٽوڙيون، ڇاڪاڻ ته منهنجي نظر ۾ احتجاج هيٺ ڏنل هي فائدا به ڏيندا آهن، (هڪ) جن سان ظلم ٿئي تو ته انهن متاثرن کي خبر پوي ته اوهان اڪيلا ناهيو، هي ماڻهو به اوهان سان گڏ آهن، متان مظلوم پنهنجي پاڻ کي اڪيلو سمجهي پريشان ٿئي، ڏاڍ جبر جو نظريو رکندڙ جا ڪن کڙا ٿين ٿا ته ٻيهر اهڙي غلطي ڪرڻ ته ٺهيو پر تنهنجي لاءِ سوچڻ به سزا ثابت ٿيندي، دنيا جي مختلف ڪنڊن ۾ رهندڙ ڪيترائي شهري تنهنجي گهٽيا نظريئي جي خلاف آهن، (ٻه) احتجاجن مظاهرن سان دنيا جي مختلف ماڻهن وٽ بحث شروع ٿيندا آهن، جنهن ۾ سياسي سماجي، صحافتي حلقن سميت شعوري يافته ماڻهو ميدان ۾ ايندا آهن، جنهن سان دليلن جي ڳالهه هلندي آهي، جنهن سبب دنيا جي ماڻهن کي گهرجي ته پنهنجي پاڻ توڙي ٻين سان ٿيندڙ ناجائزين تي آواز اٿارين،  (ٽي) احتجاج جو هڪ ٻيو به فائدو آهي ته ڀلي ڪنهن به جمهوري ملڪ ۾ چونڊيل نمائندا ڪو فيصلو ڪن ٿا جنهن ۾ اڪثريت ٻه ڀاڳي ٽي شامل آهي، پر شهري احتجاج ڪري کين ٻڌائي سگهن ٿا ته اوهان جي انهن فيصلن سان نفرت پيدا ٿيندي، جنهن سان اقليتي گروپن جو احتجاج آواز بڻجي سگهجن ٿا، (چار) جڏهن ڪنهن طاقتور، رياستي عملدار، ڀوتار، سرمائيدار  پاران ڪنهن هڪ مظلوم سان ظلم ڪيو ويندو آهي، پر ان وٽ هن سان مقابلو ڪرڻ توڙي پنهنجي لاءِ انصاف وٺڻ جي طاقت ناهي هوندي ته دنيا جي مختلف ڪنڊن مان سندس حق ۾ آواز ايندو آهي ته رياست پنهنجي رياستي غنڊن خلاف ڪارروائي ڪرڻ لاءِ تيار ٿي ويندي آهي، (پنج) ڪڏهن ڪڏهن ڪنهن هڪ علائقي مان احتجاجي مظاهرا ٿيڻ سان دنيا جي ٻين ملڪن ۾ سندن حمايت ۾ آواز اٿندا آهن ته معصر آواز پيدا ٿي ويندو آهي، جنهن سان ڪا طاقتور تحريڪ به جنم وٺي سگهي ٿي، (ڇهه) احتجاج ٿيڻ ٻڌي جي علامت آهي، جنهن سان هڪ مظلوم ٻي مظلوم جو آواز بڻجڻ جي ڪوشش ڪرڻ سان گڏ شعوري ماڻهو انهن کي حڪمت عملي ڏيندا آهن، (ست) جڏهن ته ڪنهن غلط عمل خلاف احتجاج شروع ٿيندا آهن ته انهن ۾ شامل هر مڪتبئه فڪر جا ماڻهو شامل ٿيندا آهن.

استاد، شاگرد، وڪيل، دڪاندار، مزدور، سياسي سماجي، مذهبي ورڪرن سميت غلط کي غلط چوڻ جي اخلاقي جرئت رکندڙ شامل ٿيندا آهن، پوءِ اچو ته خاموشي ٽوڙيون ادارن ۾ سڌارا آڻڻ لاءِ توڙي ڏاڍ جبر جي ڪرت ڪندڙن کي بدلائي ڏيکاريون، ڇو جو اهڙي طرح اوهان گذريل ڪجهه ڏينهن اندر ڏٺو هوندو ته قومپرست اڳواڻ ارشاد رانجهاڻي کي ڀتاخور لينڊ گريبر رحيم شاهه ماڻهن جي وڏي هجوم ۾ سرعام گوليون هڻي قتل ڪري دهشتگرد قرار ڏئي مقتول مٿان ئي ڪيس داخل ڪرائي ڇڏيو، پر ان جي اهڙي ڪڌي عمل تي جڏهن ته سموري سنڌ سميت دنيا جي مختلف ملڪن مان احتجاج ذريعي آواز اٿاريو ويو ته ڪنهن ويگو گاڏي تي گارڊن سان سوار هٿياربند کان هڪ شخص ڪيئن ٿو ڦر ڪري سگهي؟ يا کيس طبي امداد ڏيڻ کان رحيم شاهه سڀني کي روڪي ارشاد رانجهاڻي کي قتل ڪري ٿو، هيش ٽيگ سوشل ميڊيا تي هلڻ ڪري سنڌ سرڪار مجبور ٿي واقعي جي عدالتي جانچ جو حڪم ڏيندي قاتل کي گرفتار ڪرڻ جو حڪم پڻ جاري ڪيو ويو، پر اهو ايترو ڪافي ناهي ته سنڌين سميت دنيا جي هر مظلوم کي پنهنجو آواز اٿارڻ گهرجي، جيئن ان قاتل رحيم شاهه کي سزا ڏياري سگهجي، ان سان گڏ هر مسئلي تي آواز اٿارڻ گهرجي، هاڻي اهي ڏينهن گذري ويا، هاڻي سوشل ميڊيا ذريعي به ڪمزور انسان پنهنجو آواز ڪروڙين انسانن تائين پهچائي پنهنجي همدردن ۾ اضافو ڪري سگهي ٿو، پوءِ هاڻي اسان کي گهرجي ته خاموشي ٽوڙيندي هر ظلم خلاف احتجاج ڪريون.

About Asghar Azad

Check Also

هاڻي جنهن به ملڪ وڃون ٿا ته منهن ڏسي سمجهي ٿا وڃن ته پئسا وٺڻ آيا آهن: وزيراعظم شهباز شريف

ڪراچي (مانيٽرنگ ڊيسڪ   سنڌسماءَچار) اسان کي پنڻ جو سلسلو بند ڪرڻو پوندو، هاڻي جنهن به …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *