Tuesday , March 19 2024

اجمل ساوند جا قاتل گرفتار ڪيو؛ مهراڻ انجنيئرنگ فورم پاران احتجاجي مظاهرا

ڪراچي ( چيف رپورٽر   سنڌسماءَ چار ) ڪشمور ڀرسان11 ڏينهن اڳ قتل ڪيل پروفيسر اجمل ساوند جا قاتل گرفتار نه ٿيا، قاتلن جي گرفتاري لاءِ مهراڻ انجنيئرز فورم پاران سڄي سنڌ ۾ احتجاجي مظاهرا، مهراڻ انجنيئرز فورم جي سڏ تي ڪراچي، حيدر آباد، سکر، لاڙڪاڻو، ميرپورخاص، ملير، جيڪب آباد ۾ احتجاج، ٺل، نوشهروفيروز، شهدادڪوٽ، شهدادپور، مورو، راڻيپور،  سوڀوديرو سميت مختلف شهرن ۾ احتجاجي مظاهرا ڪيا ويا.

پروفيسر اجمل ساوند جي گرفتاري خلاف مهراڻ انجنيئرز فورم جي سڏ تي ملير ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، احتجاجي مظاهري ۾ سياسي، سماجي اڳواڻن ۽ شهرين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. سکر ۾ مهراڻ انجنيئر فورم پاران پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪري قاتلن جي گرفتاري لاءِ نعريبازي ڪئي وئي. مورو ۾ مھراڻ انجنيئرنگ فورم پاران پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، احتجاجي مظاهري ۾ اڳواڻن سخت نعريبازي ڪئي، ان موقعي تي يار محمد ملاح، سڌير ميرالي، الطاف حسين ڪورائي، جگديش ڪمار، محمد علي ڪورائي، محمد لائق راھو، الھه رکيو ڪمبوهه، جاني ڍلو، رمضان ڏھر، دانش پيرزادو، نذير احمد ڀٽي ۽ ٻين صحافين سان ڳالهائيندي حڪومت کان گهر ڪئي ته اجمل ساوند جي قاتلن کي فوري طور گرفتاري ڪيو وڃي.

جيڪب آباد ۾ مهراڻ انجنيئرز فورم پاران عبدالمالڪ، دانيال پنهور، جان اوڍاڻو، منصب شيخ، زين العابدين ڪٽبار، خادم حسين اوڍاڻو، بشارت ٻُرڙو، شاهنواز ڪٽبار، بابل ڪوريجو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ڊي سي چوڪ کان پريس ڪلب تائين احتجاجي جلوس ڪڍيو ويو، جنهن ۾ سياسي ۽ سماجي تنظيمن جي اڳواڻن ڀرپور شرڪت ڪئي.

شهدادڪوٽ ۾ مھراڻ انجنيئرز فورم طرفان عامر جمالي، وھاب پنڌراڻي، ڊاڪٽر مجاهد اعواڻ ۽ رميز تنيو جي اڳواڻي ۾ بئنر ۽ پلي ڪارڊ کڻي ريلي ڪڍي وئي ۽ پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. قاضي احمد به مھراڻ انجنيئرز فورم  پاران  غفار جتوئي، مرتضيٰ شاهاڻي ۽ لياقت آرائين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي ريلي ڪڍي مظاھرو ڪيو ويو ۽ سخت نعريبازي ڪئي وئي. سوڀوديرو ۾ مهراڻ انجنيئرز فورم جي اڳواڻن انجنيئر راجا نظير سھتو، انجنيئر آفتاب حسين خاصخيلي، انجنيئر ظهور حسين سهتو، انجنيئر احمد شيخ، شوڪت گھانگھرو،  علي بخش شيخ،  آفتاب خاصخيلي ۽ ٻين پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو. حيدرآباد، ڪشمور، ٺل، نوشهروفيروز  ۽ شهدادپور  ۾ به مهراڻ انجنيئرنگ فورم جي سڏ تي احتجاجي مظاهرا ڪيا ويا. احتجاج ڪندڙن مطالبو ڪيو ته اجمل ساوند جي قاتلن کي گرفتار ڪري عبرتناڪ سزا ڏني وڃي. احتجاجي مظاهرن کي خطاب ڪندي مهراڻ انجنيئرز فورم جي اڳواڻن چيو ته، پروفيسر اجمل جو قتل هڪ شخص نه پر شعور جو قتل آهي، اجمل ساوند جي قتل کي11 ڏينهن گذري ويا آهن، پر پوليس اڃا تائين جوابدارن کي گرفتار ناهي ڪري سگهي، جوابدارن جي گرفتاري تائين احتجاجي مظاهرن جو سلسلو جاري رهندو.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *