Saturday , April 20 2024

اجمل ساوند جا قاتل گرفتارنه ٿيڻ خلاف، ايس يو پي پاران سڄي سنڌ ۾ احتجاج

ڪراچي (چيف رپورٽر      سنڌسماءَچار) پروفيسر اجمل ساوند جا قاتل گرفتار نه ٿيڻ خلاف سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جي سڏ تي سڄي سنڌ ۾ احتجاجي مظاهرا، اجمل ساوند جا قاتل گرفتار نه ٿيڻ خلاف نعريبازي، سيد زين شاهه چيو آهي ته سنڌ حڪومت جي بي حسي ۽ لاپرواهي سبب 11 ڏينهن گذرڻ باوجود پروفيسر اجمل ساوند جي قاتل گرفتاسر ناهن ٿيا، اجمل ساوند جو قتل سنڌ جي عمل ۽ ساڃاهه تي وار آهي.

ڪشمور ڀرسان11ڏينهن اڳ قتل ٿيل پروفيسر ڊاڪٽر اجمل ساوند جي قتل ۾ ملوث جوابدارن کي پوليس گرفتار ڪري نه سگهڻ خلاف ايس يو پي جي سڏ تي سکر، خيرپور، ڪشمور، ميرپورخاص، گمبٽ، ڪوٽڙي، نوشهرو فيروز، سڪرنڊ، قاضي احمد، سوڀوديرو، خيرپور ناٿن شاهه، ٽنڊو غلام علي سميت سڄي سنڌ جي مختلف شهرن ۾ احتجاجي مظاهرا ڪيا ويا. احتجاج ڪندڙن جي هٿن ۾ پروفيسر اجمل ساوند جا قاتل گرفتار نه ٿيڻ خلاف نعرا لکيل هئا، مظاهرا ڪندڙن اجمل ساوند جي قتل خلاف ۽ سندس قاتل گرفتار نه ڪرڻ تي سنڌ حڪومت ۽ سنڌ پوليس خلاف سخت نعريبازي به ڪئي.

ايس يو پي جي صدر سيد زين شاهه چيو آهي ته، پرفيسر اجمل ساوند جو قتل سنڌ جي علم، شعور ۽ ساڃاهه تي قاتلاڻو حملو آحي، جيڪو ڪنهن به صورت ۾ برداشت نه ٿوي ڪري سگهجي، پنهنجي جاري ڪيل بيان ۾ زين شاهه چيو ته پروفيسر اجمل جا قاتل گرفتار نه ڪري پيپلزپارٽي، سنڌ حڪومت ۽ پوليس قتل ۾ ملوث ماڻهن ۽ سندن سهولتڪارن کي بچائڻ چاهي ٿي. اجمل ساوند جا قاتل گرفتار ٿيڻ تائين سُک سان نه ويهنداسين. ٻي طرف احتجاجي مظاهرن کي خطاب ڪندي ايس يو پي اڳواڻن چيو ته پوليس رڳو ڪيس ۾ نامزد جوابدارن جي گهرن کي ڊاهڻ بعد هٿُ هٿَ تي رکي ويهي رهي آهي، جيڪي به ڪارروايون ڪيون ويون آهن اُهي صرف خانا پري ڪرڻ لاءِ ڪيون ويون آهن. مظاهرن کي خطاب ڪندي اڳواڻن چيو ته پروفيسر اجمل ساوند جي قتل ۾ ملوث سمورن جوابدارن کي گرفتار ڪيو وڃي، جوابدارن کي گرفتار نه ڪيو ويو ته احتجاجي تحريڪ جو دائرو وڌايو ويندو.

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ سوال ڪري ٿي!! سنڌسماءَچار اليڪشن سيل2024

سنڌ سوال ڪري ٿي!! سنڌسماءَچار اليڪشن سيل2024 سنڌ تي بنا ساهي جي وڏي اڪثريت سان …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *