Friday , April 19 2024

آمريت ۾ ملڪ ترقي ناهي ڪئي، نه ئي قوم خوشحال ٿي آهي، ملڪ ۽ قوم جي ترقي جمهوريت لازمي آهي: وزيراعظم

ڪراچي (سنڌسماءَچار نيوز) آمريت جي ڪنهن به حڪومتي دور ۾ ملڪ ترقي ناهي ڪئي ۽ نه ئي قوم خوشحال ٿي آهي، ملڪ جي ترقي ۽ قوم جي خوشحاليءَ لاءِ ضروري آهي ته جمهوري حڪومت هجي ۽ ترقي جو راز صرف جهموريت ۾ ئي آهي. ڪارڪردگي نه ڏيکاريندڙن کي عوام گهر ڀيڙو ڪري ڇڏيندو ملڪ ۾ نون ليگ جي ئي پهرين حڪومت آهي جنهن پنهنجي دور ۾ منصوبا پورا ڪيا آهن. وزيراعظم شاهد خاقان عباسي اهڙو اظهار ڪراچي جي هڪ ڏينهن واري دوري دوران، پورٽ قاسم تي پاڪستان انٽرنيشنل ڪول ۽ سيمينٽ ٽرمينل جو افتتاح ڪيو. افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي وزيراعظم چيو ته، خانگي شعبي کي موقعو ڏنو وڃي ته ڪجهه ڪري ڏيکاري. ڪراچي ۾ اهو تاثر ڏنو ويندو آهي ته حڪومت ڪم نه پئي ڪرڻ ڏئي پر هتي منصوبا مڪمل ڪرڻ ان خيال کي مڪمل طور رد ڪري ڇڏين ٿا. شاهد خاقان عباسي تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته ڪوئلي ۽ سيمينٽ ٽرمينل چئن سالن ۾ مڪمل ٿيو آهي. نون ليگ ئي ملڪ جي اها واحد جماعت آهي، جنهن جيڪي اعلان ڪيا اهي پورا ڪيا آهن. چاليهه سالن کان پوءِ لواري ٽنل به مڪمل ٿيو آهي، جيڪو مان ڏهين جماعت کان ڏسندو پئي آيس، لواري ٽنل جو ذوالفقار ڀٽو افتتاح ڪيو پر نواز شريف ان کي مڪمل ڪيو.

هن چيو ته آمريت جي دور ۾ ملڪ ۾ ترقي نه ٿي سگهي، فيصلا عوام وٽ ٿيڻ گهرجن. وزيراعظم چيو ته هر چئلينج جو مقابلو ڪنداسين، سي پيڪ پاڪستان جي ترقي جو ضامن آهي، جمهوريت کانسواءِ ملڪ ترقي نه ٿو ڪري سگهي. وزيراعظم چيو ته جنهن حڪومت عوامي مسئلا حل نه ڪيا تنهن کي گهر موڪليو ويو، چئلينجز هميشه رهندا آهن، اڄ به آهن جنهن کي حل ڪيو ويندو. سندس چوڻ هو ته ملڪ جمهوريت اندر ئي ترقي ڪندو. وزيراعظم شاهد خاقان عباسي چيو ته سموريون شيون هڪ جمهوري عمل ۾ ئي رهي حل ٿي سگهن ٿيون. هن چيو ته عوام فيصلو ڪري ته ڪير حڪومت ۾ ايندو. هن چيو ته ڪراچي کان سکر ۽ سکر مان ملتان تائين ايندڙ سال تائين موٽر وي مڪمل ڪيو ويندو. سندس چوڻ هو ته ڊسمبر تائين جيتري گئس گهرجي ملي ويندي، ٽرمينل کي ريلوي سيڪشن سان جوڙڻ جي ڳالهه ٻولهه هلي رهي آهي. وزيراعظم شاهد خاقان عباسي چيو ته 1999ع کان 2013ع تائين ڪو به منصوبو مڪمل نه ٿيو آهي. هن چيو ته موجوده حڪومتي دور ۾ هزارين ڪلوميٽر موٽر وي ٺهيا آهن. سندس چوڻ هو ته هي واحد حڪومت آهي جنهن چئلينجن کي منهن ڏنو آهي.

About Asghar Azad

Check Also

نيون تڪبنديون، سنڌ جي چئن ضلعن ۾ قومي ۽ صوبائي اسيمبلي جون4 سيٽون گهٽجي ويون

ڊجيٽل آدمشماري ۾ سنڌ جي آبادي تي هنيل ڌاڙي ۽ پيپلزپارٽي جي اقتداري لالچ جا …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *