Saturday , April 20 2024

آمريتن سان مهاڏو اٽڪائيندڙ ڄام ساقي به لاڏاڻو ڪري ويو

حيدر آباد(خاص نمائندو     سنڌ سماءَ چار) کاٻي ڌر جو اڳواڻ جهونو سياستدان ڄام ساقي 74 ورهين جي ڄمار ۾ لاڏاڻو ڪري ويو، ڄام ساقي جو مڙهه مٽي ماءُ حوالي  ڪيو ويو، سندس جنازي نماز نسيم نگر قبرستان ۾ ادا ڪئي وئي.جنازي نماز ۾ سياسي ۽ سماجي  اڳواڻن ڊاڪٽر دودو مهيري،يوسف لغاري، ابرار قاضي،امداد چانڊيو، سهيل سانگي،نديم اختر،ڄام چانڊيو،ڊاڪٽر عبدالغفور ميمڻ، ذوالفقار هاليپوٽو، پنهل ساريو ۽ ٻين شرڪت ڪئي. 70 ۽ 80 جي ڏهاڪي ۾ نوجوانن لاءِ اتساهه بڻيل جهونو سياستدان حيدرآباد جي نسيم نگر ۾ قائم پنهنجي رهائشگاهه تي 74 ورهين جي ڄمار ۾ لاڏاڻو ڪري ويو.

ڄام ساقي بيماري سبب ڪجهه عرصو ڪراچي جي اسپتال ۾ علاج هيٺ هو، طبيعت ۾ سڌارو اچڻ کانپوءِ کيس حيدر آباد منتقل ڪيو ويو. اڄ صبح سندس ساهه جي تند حيدرآباد جي نسيم نگر واري گهر ۾ ٽٽي،ڄام ساقي جي جنازي نماز نسيم نگر پارڪ ۾ ادا ڪئي وئي، جنهن بعد بابن شاهه قبرستان ۾ کيس مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو.  ڄام ساقي 31 آڪٽوبر 1946ع تي ٿرپارڪر جي هاڻوڪي تعلقي ڇاڇري جي ڳوٺ جنجهي ۾ جنم ورتو، والدين سندس نالو محمد سچل رکيو پر اڳتي هلي هن ڄام ساقي جي نالي سان پنهنجي نرالي سڃاڻپ پيدا ڪئي.  ڄام ساقي ابتدائي تعليم پنهنجي  اباڻي ڳوٺ مان حاصل ڪئي، 1967ع ۾ سچل سرمست آرٽس ڪاليج حيدرآباد مان بي اَي جو امتحان پاس ڪيو جنهن بعد  ايم اي سياسيات واري سبجيڪٽ ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ مان مڪمل ڪيائين. ڄام ساقي ڪميونسٽ پارٽي ۾ شامل رهيو ،هن کي ڪميونسٽ هجڻ سبب ساٿين سميت گرفتار ڪيو. ڄام ساقي لاهور جي شاهي قلعي سميت ڪيترن ئي اذيت گهر ۾ رهيو ۽ هو ملڪ ۾ سڀني کان وڌيڪ عرصو قيد ڪاٽيندڙ قيدي رهيو. هو ڪميونسٽ جو سيڪريٽري جنرل به رهيو.هو جيل مان پارٽي جي اڳواڻي ڪندو رهيو.

مارشل جي ڏينهن ۾ سندس هڪ ساٿي نذيرعباسي کي ڪوئيٽا جي ڪولي ڪيمپ ۾ رکيو ويو،جتي تشدد سبب شهيد ٿي ويو. ڄام ساقي هاءِ اسڪول ۾ تعليم پرائڻ دوران سياسي سرگرمين جو آغاز ڪيو، پهريون ڀيرو ڪاليج واري زماني ۾ حيدرآباد اسٽوڊنٽس فيڊريشن جو جنرل سيڪريٽري چونڊيو ويو.  سنڌ نيشنل اسٽوڊنٽس فيڊريشن قائم ٿي ته ان جو هيءُ پهريون صدر چونڊيو ويو. ڄام ساقي سموري حياتيءَ کاٻي ڌر جي سياست سان سلهاڙيل رهيو، 80 ع واري ڏهاڪي دوران سندس پارٽي ،ڪميونسٽ پارٽي  ايم آر ڊي تحريڪ ۾ ڀرپور حصو ورتو .ڄام ساقي انهن ڏينهن ۾ به  جيل جون سختيون برداشت ڪري رهيو هو.کاٻي ڌر جي سياست کان شروعات ڪندڙ ڄام ساقي  پيپلز پارٽي ۾ به شموليت اختيار ڪئي ۽ هن صوبائي صلاحڪار طور جون ذميورايون نڀايون. هن ٻه شاديون ڪيون، جنهن مان هڪ شريڪ حيات لاڏاڻو ڪري وئي هئي، ڄام ساقي کي ٻنهي گهروارين مان پٽن ۽ ڌيئرن جو اولاد هو.

About Asghar Azad

Check Also

هاڻي جنهن به ملڪ وڃون ٿا ته منهن ڏسي سمجهي ٿا وڃن ته پئسا وٺڻ آيا آهن: وزيراعظم شهباز شريف

ڪراچي (مانيٽرنگ ڊيسڪ   سنڌسماءَچار) اسان کي پنڻ جو سلسلو بند ڪرڻو پوندو، هاڻي جنهن به …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *