Thursday , April 25 2024

آمدني کان وڌيڪ ملڪيتون ڪيس، خورشيد شاهه گرفتار

آمدني کان وڌيڪ ملڪيتون، نيٺ خورشيد شاهه نيب جي وڪڙ ۾ اچي ويو، اڄ سکر منتقل ڪرڻ جو امڪان

اسلام آباد( رپورٽر   سنڌسماءَچار) نيب پيپلز پارٽي جي سينئر اڳواڻ ۽ اڳوڻي اپوزيشن ليڊر سيد خورشيد کان کي اسلام آباد مان گرفتار ڪري ورتو، نيب هيڊڪوارٽرز منتقل، اڄ راهداري رمانڊ وٺي کيس سکر آندو ويندو، نيب پاران به تصديق. نيب سکر ۽ راولپنڊي اسلام آباد جي بني گالا واري علائقي ۾ ڪارروائي ڪري پ پ جي سينئر اڳواڻ خورشيد شاهه کي سندس رهائشگاهه تان گرفتار ڪري ورتو. نيب پاران جاري ڪيل مختصر پڌرائي ۾ چيو ويو آهي ته، خورشيد شاهه کي بني گالا مان نيب روالپنڊي ۽ سکر گڏيل ڪارروائي ڪري گرفتار ڪيو آهي، خورشيد شاهه مٿان آمدني کان وڌيڪ ملڪيتون ٺاهڻ ۽ اربين رپين جا بي نامي اثاثا ٺاهڻ جو الزام آهي.

خورشيد شاهه کي نيب سکر اربع ڏينهن ساڳئي ڪيس ۾ پيش ٿيڻ جو نوٽيس اماڻيو هو، خورسيد شاهه 18هين سيپٽمبر اربع ڏينهن پيش نه ٿي سگهڻ بابت خط به لکيو هو، نيب کي اماڻيل خط ۾ خورشيد شاهه چيو هو ته، هُو قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ مصروف آهي، انڪري 18 سيپٽمبر تي پيش نه ٿي سگهندو، نيب کيس ٻئي جنهن به تاريخ تي طلب ڪيو ته هُو پيش ٿيندو. نيب سکر خورشيد شاهه خلاف گذريل مهيني ستين اگسٽ کان خورشيد شاهه خلاف بي نامي ملڪيتن ۽ آمدني کان وڌيڪ اثاثا هجڻ وارن الزامن جي جاچ ڪري رهيو هو. نيب سکر پاران دادو، گهوٽڪي، ڪراچي جي ڊيسيز، ڊي ايڇ اي ڪراچي جي اختيرين، ب ورڊ آف روينيو سنڌ سميت مختلف کاتن ۽ ادارن کي به خط لکي خورشيد شاهه جي ملڪيتن بابت معلومات حاصل ڪئي هئي، خورشيد شاهه اهڙن خطن کان اڻڄاڻائي ظهر ڪندو رهيو هو.

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ جي تاريخي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي زمين تي والار جاري

ٺٽو ( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) سنڌ جي تاريخي ورسي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *