Friday , March 29 2024

آغا سراج دراني ۽ سندس ڪٽنب جي 10 ڀاتين جي ملڪيتن جا تفصيل طلب

اسپيڪر آغا سراج دراني ۽ سندس ڪٽنب جي 10 ڄڻن جي ملڪيتن جا تفصيل طلب

ڊپٽي ڪمشنر ڪراچي ويسٽ پريشان، نيب کان مهلت گهري ورتي

ڪراچي(رپورٽر  سنڌسماءَچار) سنڌ اسيمبلي جي اسپيڪر آغا سراج دراني خلاف مبينا طور غير قانوني طريقي سان آمدني کان وڌيڪ ملڪيتون ٺاهڻ جي جاچ ۾ تيزي آندي وئي آهي، نيب سنڌ سراج دراني ۽ سندس ڪٽنب جي ٻين ڀاتين جي ملڪيتن جا تفصيل گڏ ڪرڻ جو سلسلو شروع ڪري ڏنو آهي. نيب پاران ڪراچي ويسٽ ضلعي جي ڊپٽي ڪمشنر کي هڪ خط لکي اسپيڪر آغا سراج دراني سميت سندس ٻين ڀاتين جي ملڪيتن بابت تفصيل گهريا هئا جيڪي مقرر تاريخ تائين جمع ناهن ڪرايا ويا، ذريعن جو چوڻ آهي ته ڊي سي ويسٽ نيب کان معلومات مهيا ڪرڻ لاءِ ڪجهه وقت گهريو آهي. سنڌسماءَچار کي مليل ڄاڻ مطابق نيب سنڌ پاران ڊي سي ويسٽ کي کي لکيل خط ۾ هدايت ڪئي وئي هئي ته، 17 هين ڊسمبر 2018 تائين آغا سراج دراني ۽ سندس ڪٽنب جي 10 ماڻهن جي ملڪيتن جا سمورا تفصيل مهيا ڪيا وڃن. نيب جي خط موجب ڊي سي ويسٽ کي هدايت ٿيل آهي ته، نيب وٽ معلومات آهي ته آغا سراج دراني، سندس گهرواري ۽ ٻين گهر ڀاتين جي ملڪيتن جا قانوني دستاويز اوهان(ڊي سي ويسٽ) جي آفيس ۽ ان جي لاڳاپيل عملدارن وٽ آهي، جيڪو پيش ڪيو وڃي.

ان سلسلي ۾ سنڌ سماءَ چار جي معلومات مطابق ڊي سي ويسٽ نيب پاران ڏنل تاريخ يعني 17 هين ڊسمبر تي لاڳاپيل عملدارن سان گڏ سنڌ اسيمبلي جي اسپيڪر آغا سراج دراني جي ملڪيتن بابت 19 هين ڊسمبر تائي ڪي به تفصيل جمع ناهن ڪرايا ويا. ڊي سي ويسٽ جي آفيس جي ذريعن وٽان مليل معلومات مطابق، نيب جو ليٽر ملڻ کان پوءِ ڪجهه رڪارڊ ۽ ٻئي معلومات سهيڙي ته وئي آهي پر اها اڃا نيب تائين ناهي پهچائي وئي. ڊي سي آفيس جي ذريعن دعويٰ ڪئي ته، 17 تاريخ تي ڊي سي ويسٽ نيب سنڌ جي لاڳاپيل عملدار وٽ پيش ٿيو ۽ کيس ڪجهه وقت ڏيڻ جي درخواست ڪئي. ذريعن موجب نيب ڊي سي ويسٽ کي اڃا تائين لکت ۾ وقت ناهي ڏنو پر کيس سختي سان هدايت ڪئي آهي ته هڪ هفتي جي اندر سمورا تفصيل پيش ڪيا وڃن، ٻي صورت ۾ سندس خلاف چيف سيڪريٽري سنڌ کي لکت ۾ شڪايت ڪئي ويندي.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *