Friday , April 19 2024

آغا خان اسپتال ۾ چڪاسيل رت جا جزا شرجيل ميمڻ جا هئا يا نه؟

ڪراچي (چيف رپورٽر     سنڌ سماءَ چار) ضياءَ الدين اسپتال جي سب جيل مان شرجيل ميمڻ جي ڪمري مان شراب جون بوتلون هٿ اچڻ ۽ سندس رت جي چڪاس ۾ شراب واپرائڻ جون شاهديون نه ملڻ وارو معاملو ڳجهارت بڻجي ويو آهي، آغا خان ليبارٽري پاران جاري ڪيل وضاحت ۾ چيو ويو آهي ته، رت جا جزا ضياءَ الدين اسپتال جي انتظاميا موڪليا هئا، اُهي شرجيل جا هئا يا نه ان سان سندن واسطو نه آهي. سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس، جسٽس ثاقب نثار پاران ضياءَ الدين اسپتال ۾ داخل اڳوڻي صوبائي وزير شرجيل ميمڻ جي ڪمري، جيڪو سب جيل قرار ڏنل هو؛ تي ڇاپي وارو معاملو پهرين ڏينهن کان نئون ڳجهارت بڻجندو پيو وڃي. شرجيل ميمڻ جي ڪمري (سب جيل) مان هٿ آيل شراب جي بوتلن جي ڪيميڪل رپورٽ ۾، صحت کاتي جي چيف ايگزمائينر شراب هجڻ جي تصديق نه ڪئي هئي، رپورٽ ۾ چيو ويو هو ته، بوتلن ۾ شراب نه هو. هڪ بوتل ۾ ماکي ۽ ٻي بوتل ۾ زيتون جو تيل هو.

شرجيل ميمڻ جي ڪمري مان شراب جون بوتلون ملڻ واري معاملي کانپوءِ، ضياءَ الدين اسپتال پاران شرجيل ميمڻ جي (مبينا طور) رت جا جزا نجي اسپتال آغا خان ڏانهن اماڻي رپورٽ ڏيڻ جو چيو ويو هو. آغا خان جي ان رپورٽ مطابق رت جي جزن ۾ شراب واپرائڻ جون شاهديون نه مليون هيون، جنهن بنياد تي اهو قرار ڏنو ويو هو ته، شرجيل ميمڻ شراب نه واپرايو هو. ان کانپوءِ شراب جي بوتلن ۽ شرجيل ميمڻ جي رت جي رپورٽ تي شڪ ظاهر ڪيو پي ويو ۽ سوشل ميڊيا سميت ميڊيا تي به ان بابت سوال اٿاريا ويا. اهڙي صورتحال کانپو، آغا خان اسپتال پاران هڪ مختصر وضاحت جاري ڪئي وئي آهي. آغا خان اسپتال پاران جاري ڪيل وضاحت ۾ چيو ويو آهي ته، ”  شرجيل ميمڻ جي رت جي الڪوحل بابت اسانجي اسپتال (آغا خان يونيورسٽي هاسپيٽل) رپورٽ لاءِ ضياءَ الدين اسپتال پاران رت جا سمپلز موڪليا ويا هئا، جن جي رپورٽ /ايگزمائين ڪرڻ جو چيو ويو هو. انهن رت جي سمپلز ۾ شرجيل ميمڻ جي رت جا سمپلز ڄاڻايو ويو هو. اسپتال ان رت يعني جنهن رت جا سيمپلز ضياءَ الدين اسپتال پاران موڪليا ويا هئا، انهن جي رپورٽ تيار ڪئي وئي هئي. رت جي انهن جزن ۾ شراب واپارائڻ جي نشادهي نه ٿي هئي“.

آغا خان اسپتال جي هڙي وضاحتي بيان کان اڳ ۾ سنڌ جي چيف سيڪريٽري به شراب جي بوتلن بابت چيف ايگزمائينر جي رپورٽ کي شڪي قرار ڏيندي معاملي جي جاچ ڪرائڻ جو اعلان ڪري چڪو آهي.

About Asghar Azad

Check Also

نيون تڪبنديون، سنڌ جي چئن ضلعن ۾ قومي ۽ صوبائي اسيمبلي جون4 سيٽون گهٽجي ويون

ڊجيٽل آدمشماري ۾ سنڌ جي آبادي تي هنيل ڌاڙي ۽ پيپلزپارٽي جي اقتداري لالچ جا …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *