Friday , March 29 2024

آصف زرداري ۽ فريال ٽالپر جي عارضي ضمانت ۾ ٻن هفتن جي واڌ

ڪراچي ( رپورٽر   سنڌسماءَچار) اڳوڻي صدر آصف علي زرداري ۽ سندس ڀيڻ فريال ٽالپر جعلي  بئنڪ اڪائونٽس ڪيس ۾ عدالت آڏو پيش، عدالت ٻنهي ڄڻن جي عارضي ضمانت ۾ ستين جنوري تائين واڌ ڪري ڇڏي آهي.  آصف زرداري ۽ فريال ٽالپر جمعي ڏينهن صبح جوساڍي اٺين وڳي بئنڪنگ ڪورٽ ڪراچي ۾ پيش ٿيا، ان موقعي تي سيڪيورٽي جا انتظام معمول کان وڌيڪ سخت ڪيا ويا هئا، بئنڪنگ ڪورٽ واري علائقي پاڪستان سيڪريٽريٽ جي ڀرپاسي وارن رستن تي پوليس ۽ سادا ڪپڙا پهريل اهلڪار صبح سوير سان مقرر ٿيل هئا، عبدالله هارون روڊ، عطاترڪ روڊ ۽ سر غلام حسين هدايت الله روڊ تي پوليس جو گشت به وڌايو ويو هو. آصف ۽ فريال ٽالپر جي عدالت آڏو پيش ٿيڻ تي سندن حاضري لڳائي وئي، جنهن بعد عدالت ڪيس جي جاچ ڪندڙ عملدار کان پڇاڻو ڪيو ته ڪيس جي پويزيشن ڇا آهي ۽ جاچ ڪٿي پهتي آهي؟. جنهن تي ايف آءِ اي جي عملدار عدالت کي ٻڌايو ته جعلي بنڪ اڪائونٽس ۽ مني لانڊرنگ واري هن ڪيس جي سپريم ڪورٽ پاران جوڙيل جي آءِ ٽي پنهنجي جاچ مڪمل ڪري رپورٽ سپريم ڪورٽ ۾ جمع ڪرائي ڇڏي آهي، سپريم ڪورٽ ۾ مني لانڊرنگ ڪيس جي ٻڌڻي 24 هين ڊسمبر تي مقرر ٿيل آهي. جن هن بعد عدالت آصف زرداري ۽ فريال ٽالپر جي ضمانت واري درخواست تي فيصلو ڏيندي ٻنهي جي ضمانت ۾ ٻن هفتن جي واڌ ڪندي ڪيس جي شنوائي 7 جنوري تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

آصف ۽ فريال ٽالپر جي عدالت ۾ پيشي جي موقعي تي پيپلزپارٽي جا سينئر اڳواڻ سيد قائم علي شاهه، مراد علي شاهه، صوبائي وزير سعيد غني، نثار کهڙو، امتياز شيخ، رحمان ملڪ سميت ايم پي ايز ۽ ايم اين ايز به عدالت پهتا. پيپلز پارٽي کي خدشو هو ته اڄوڪي ٻڌڻي تي آصف ۽ فريال ٽالپر جي ضمانت ۾ واڌ نه ٿيندي ۽ ٻنهي کي گرفتار ڪيو ويندو، انڪري پيپلز پارٽي ڀرپور احتجاج جو فيصلو ڪيو هو ۽ اعليٰ سطحي اجلاس ۾ احتجاج جي حڪمت عملي طئي ڪئي وئي هئي، ته پارٽي جا سرگرم اڳاوڻ ڪيس جي شنوائي جي موقعي تي، بئنڪنگ ڪورٽ اندر ۽ ٻاهر موجود هوندا.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *