Friday , March 29 2024

آصف زرداري کي سنڌ حڪومت جي اسپتالن تي اعتبار ناهي: مراد سعيد

اسلام آباد(خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) وفاقي وزير مراد سعيد چيو ته عمران خان چيو ته، بلاول صاحب اوهان جي والد آصف زرداري ۽ اوهان کي سنڌ حڪومت جي اسپتالن تي ڀروسو ناهي انڪري آصف زرداري جو نجي اسپتالن ۾ علاج ڪرائي رهيا آهيو، بلاول ڀٽو ز رداري جي پريس ڪانفرنس ۽ وزيراعظم تي تنقيد جي رد عمل ۾ اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي وفاقي وزير مراد سعيد چيو ته، عوام کي ڪورونا ۽ غربت کان بچائڻو آهي، گذريل حڪومتون جيڪو صحت جو نظام ڇڏي ويون حڪومت ان ۾ رهندي ڪورونا خلاف وڙهي رهي آهي. دنيا عوام کي رليف ڏيڻ واري احساس پروگرام کي ساراهيو آهي، وفاق 50 ارب روپيا صحت کاتي لاءِ جاري ڪيا. وفاقي وزير چيو ته ڪرونا صورتحال ۾ صوبن جي به ڪجهه ذميواري هئي، وفاق صوبن کي 250 وينٽي ليٽرز ڏئي چڪو آهي، سنڌ حڪومت وٽ ڊاڪٽر کي وينٽيليٽر ڏيڻ لاءِ نه هيو، بلاول سدائين پرچِي وارِيون رَٽيَل ڳالهيون ڪندو آهي، بلاول کي پنهنجن اسپتالن تي ڀروسو ناهي، هو ٻڌائي ته سندس والد جو علاج ڪهڙي اسپتال ۾ ٿي رهيو آهي، سنڌ جَي وڏَي وزير جون وايون بتال ٿي ويون آهن. مراد سعيد سنڌ حڪومت تي تنقيدن ڪندي چيو ته سنڌ حڪومت راشن ڏيڻ جو واعدو ڪيو پر راشن ڪنهن جي گهر ناهي پهتو، سنڌ حڪومت روزانو ڀاشڻ ته ڏئي ٿي پر راشن نٿي ڏئي.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *