Tuesday , March 19 2024

آصف زرداري کان ڌڪ ته نه نڪري ويو؟؟ بلوچستان جي آزاد گروپ پاران سياسي پارٽي ٺاهڻ جو اعلان

ڪوئيٽا(سنڌسماءَچار مانيٽرنگ ڊيسڪ) بلوچستان ۾ ن ليگ سميت مختلف سياسي پارٽين کان ناراض اڳواڻن ۽ خاموش ٿي سياست کان پري ٿي ويل سياستدانن پاراان نئين سياسي پارٽي ٺاهڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. بلوچستان جي وڏي وزير قدوس بزنجو چيو آهي ته دوستن سان رابطا ۽ صلاح مشورا هلندڙ آهن، جلد نئين سياسي پارٽي جو اعلان ڪنداسين. بلوچستان ۾ پنهنجي پارٽي ن ليگ جي حڪومت ختم ڪري آزاد حيثيت ۾ نئين حڪومت ڪرڻ جي پهل ڪندڙ سرفراز بگٽي ۽ موجوده وڏي وزير قدوس بزنجو اعلان ڪيو آهي ته، اسان پنهنجي نئين سياسي پارٽي ٺاهينداسين، جنهن تمام جلد اعلان ڪيو ويندو. تجزيي نگارن جوچوڻ آهي ته بلوچستان جي حڪومت ڊهرائي نئين حڪومت قدوس بزنجو جي حوالي ڪري سينيٽ چيئرمين چونڊرائڻ جي سياسي راند ۾ اهم ڪردار ادا ڪندڙ آصف زرداري سان ڪٿي ڌڪ ته نه ٿي ويو آحي. ذريعن جو چوڻ آهي ته، آصف زرداري سڄي راند عام چونڊن ۾ پ پ جي وفاقي حڪومت ٺاهڻ لاءِ کيڏي رهيو آهو. ان جي ابتڙ هاڻي قدوس بزنجو پاران نئين سياسي پارٽي ٺاهڻ واري اعلان کانپوءِ لڳي ٿو ته آصف زرداري جي گيم ڦٽندي نظر اچي رهي آهي. پر اهو به ممڪن آهي ته هن راند پويان به زرداري هجي، اهڙي امڪان کي به رد نه ٿو ڪري سگهجي.

نئين حڪومت قائم ڪندڙ آزاد گروپ جي اهم اڳواڻ ۽ صوبائي گهرو وزير سرفراز بگٽي نئين سياسي پارٽي جو بنياد رکڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. ڪوئيٽا ۾ سرفراز بگٽي جو چوڻ هو ته بلوچستان جو وڏو وزير مير عبدالقدوس بزنجو هڪ يا ٻن ڏينهن ۾ پارٽي جو باقاعده اعلان ڪندو. هن چيو ته نئين پارٽي عام روايتي پارٽين کان مختلف هوندي. سرفراز بگٽي چيو ته بلوچستان جو عوام پاڪستان سان سڀ کان وڌيڪ محبت ڪندڙ عوام آهي ۽ اڄ بلوچستان جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ پاڪستان جو جهندو ڦڙڪي رهيو آهي. ان سلسلي ۾ سينيٽ جي چيئرمين صادق سنجراڻي ۽ وڏي وزير قدوس بزنجو چيو آهي ته، دوستن سان صلاحون ڪري رهيا آهيون. قدوس بزنجو جو چوڻ آهي ته دوست سان  صلاح مشورا ڪرڻ بعد ڪجهه ڏينهن اندر ئي نئين سياسي پارٽي جو اعلان ڪيو ويندو.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *