Wednesday , April 24 2024

آصف زرداري عدالتن تي بي اعتمادي ظاهر ڪري ڇڏي،ڪارڪنن کي تيار رهڻ جو اشارو

نوابشاهه (خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) پيپلزپارٽي جي شريڪ چيئرمين ۽ اڳوڻي صدر آصف علي زرداري ملڪي عدالتن تي بي اعتمادي جو اظهار ڪندي ڪراڪنن کي تيار رهڻ جي هدايت ڪري ڇڏي آهي، نوابشاهه ۾ پنهنجي رهائشگاهه زرداري هائوس ۾ پيپلز پارٽي مخصوص پارٽي اڳواڻن  ۽ پنهنجن ويجهن ماڻهن جي ڪارنر گڏجاڻي کي خطاب ڪندي آصف زرداري چيو ته، کيس عوام کان پري رکڻ جي سازش سٽي وئي آهي، عدالتن تي اعتماد نه آهي ۽ مونکي نااهل قرار ڏيڻ جا به سانباها ڪيا پيا وڃن. پارٽي اڳواڻن ۽ جيالن کي بلاول، بختاور ۽ آصفه جي پارت ڪندي هن چيوته مونکي عوام کان پري رکڻ جي سازش ٿي رهي آهي، ڪارڪن پرواهه نه ڪن، آئون منهن ڏيڻ ڄاڻان ٿو، منهنجي ڪيسن ۾ ججن تي وڏو دٻاءُ آهي. هن چيو ته حمزه شهباز شريف کي حڪومت گرفتار ڪرڻ نه ٿين  چاهي پر اهو سڄو ڊرامو ملڪ ۾ آيل مهانگائي جي طوفان تان عوام جو ڌيان هٽائڻ لاءِ گرفتاري جو ڊرامو ڪيو ويو. هن چيو ته، مان ڏڄڻ وارو ناهيان، ماضي ۾ به شهيد بينظير ۽ مونکي جيل ۾ رکيو ويو.

آصف زردارفي چيو ته، ملڪ جو وڏي ۾ وڏو چور عمران خان ۽ پي ٽي آءِ وارا آهن، جن چندي ۽ خيراتي پيسن مان به چوري ڪئي. 18 ترميم کي 8 مهينن جي بحث کانپوءِ سڀني پارليامينٽيرين منظور ڪيو، انهي ڪري 18 ترميم کي ختم ڪرڻ نه ڏيندا سين. اڳوڻي صدر چيو ته عمران جي حڪومت ۾ ڊالر 155 رپين تائين پهتو آهي، جنهن سبب ملڪ تي 55 سيڪڙو قرض وڌي ويو آهي. آصف زرداري جو چوڻ هو ته جيڪڏهن مان حڪومت خلاف مارچ شروع ڪندس ته سموريون پارٽيون مونسان گڏ هونديون، هن وقت مولانا فضل الرحمن، اسفند يار ولي ۽ بلوچستان ۽ ڪي پي ڪي جا ڪجهه ماڻهو ۽ فاٽا جا ميمبر گڏ آهن. مان ڪيسن کي منهن ڏيڻ ڄاڻان ٿو ڇا ڪاڻ ته مون تي سمورا ڪيس هٿ ٺوڪيا آهن ۽ مان انهن مان قانوني طريقي سان بري ٿيندس، اڳوڻي صدر وڌيڪ چيو ته حڪومت ڪرڻ عمران خان جي وس جي ڳالهه ناهي. عمران خان رڳو چندو وٺڻ ڄاڻي ٿو ۽ ڪرڪيٽ کيڏي سگهي ٿو، هن چيو ته ڪارڪن پريشان نه ٿين مان پاڻ انهن جو مقابلو ڪندس، هن چيو ته منهنجي نوابشاهه واري تڪ تان ايندڙ عام چونڊون منهنجي ننڍي نياڻي آصفه ڀٽو زرداري چونڊ وڙهندي ۽ هتان جي عوام جي خدمت ڪندي.

About Asghar Azad

Check Also

هاڻي جنهن به ملڪ وڃون ٿا ته منهن ڏسي سمجهي ٿا وڃن ته پئسا وٺڻ آيا آهن: وزيراعظم شهباز شريف

ڪراچي (مانيٽرنگ ڊيسڪ   سنڌسماءَچار) اسان کي پنڻ جو سلسلو بند ڪرڻو پوندو، هاڻي جنهن به …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *