Thursday , April 18 2024

” آصف زرداري حڪومت خلاف سياسي ميدان تيار ڪرڻ شروع ڪري ڇڏيو آهي“

اسلام آباد (خاص نمائندو  سنڌسماءَچار) ” آصف زرداري گرفتار ٿئي يا نه پر پي ٽي آءِ جي حڪومت جي خلاف سياسي ميدان تيار ڪرڻ شروع ڪري ڇڏيو آهي، جي يو آءِ کانپوءِ ن ليگ ۽ اي اين پي اڳواڻن سان به ملاقات جو شيڊيول تيار آهي“، اهڙي دعويٰ پيپلز پارٽي جي هڪ ايم اين اي نالو نه لکڻ جي شرط تي سنڌسماءَچار کي ٻڌايو آهي. سندس چوڻ هو ته، آصف زرداري گذريل ٻن هفتن کان مختلف سياسي اڳواڻن سان رابطا شروع ڪري ڇڏيا هئا، جنهن لاءِ هن پنهنجي هڪ ذاتي دوست ۽ پراڻي جيالي (جيڪو هن وقت ڪنهن ٻي سياسي پارٽي ۾ ويٺل آهي) کي رابطي جو  ذريعو بڻايو آهي“. هن چيو ته مولانا فضل الرحمان سان سندس ملاقات ان سلسلي جي ئي ڪڙي آهي، وڏي عرصي کانپوءِ آصف زرداري ڪنهن سياسي اڳواڻ جي رهائشگاهه تي ملاقات لاءِ هلي ويو آهي“.

ٻي پاسي ان ئي سلسلي جي ڪڙي طور پيپلز پارٽي جي شريڪ چيئرمين آصف علي زرداري ۽ جي يو آءِ جي سربراهه مولانا فضل الرحمان سان هڪ ڏينهن دوران به ڀيرا ملاقات ڪري مختلف معاملنٻئين ملاقات، حڪومت خلاف سمورين مخالف ڌر جي جماعتن کي متحد ڪرڻ لاءِ ڪوششون جاري رکڻ تي اصولي اتفاق، آصف زرداري ۽ مولانا فضل الرحمان جي ملاقات کان پوءِ مولانا فضل الرحمان مخالف ڌر جي پارٽين جي اي پي سي طلب ڪرڻ لاءِ اپوزيشن ليڊر شهباز شريف سان رابطو ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو. فصيل موجب جمعي ۽ ڇنڇر جي وچ واري رات هڪ شادي ۾ ملاقات کانپوءِ 24 ڪلاڪن اندر آصف علي زرداري جي جي يو آءِ سربراهه مولانا فضل الرحمان سان ٻئين ملاقات ٿي آهي. آصف علي زرداري جي يو آءِ (ف) جي سربراهه مولانا فضل الرحمان جي رهائشگاهه تي پهچي مولانا فضل الرحمان سان ون ٽو ون ملاقات ڪئي، جيڪا 40 منٽن کان وڌيڪ وقت تائين جاري رهي. پيپلز پارٽي پاران جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته آصف زرداري جي مولانا فضل الرحمان سان ٿيل ملاقات ۾ ملڪي سياسي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ٿي. آصف زرداري جي ترجمان عامر فدا پراچا جو اهو به چوڻ آهي ته ملاقات دوران ميان نواز شريف جي باري ۾ ڪو به ذڪر نه ٿيو آهي. ٻئي طرف ذريعن موجب ملاقات دوران جي يو آءِ جي سربراهه مولانا فضل الرحمان اڳوڻي صدر آصف علي زرداري آڏو موقف رکيو ته موجوده حالتن کي منهن ڏيڻ لاءِ اپوزيشن جو متحد هجڻ ضروري آهي. هن آصف زرداري مٿان نواز شريف سان ملاقات ڪرڻ تي زور ڀريو، جنهن بابت في الحال فيصلو نه ٿي سگهيو. ذريعن ٻڌايو ته مولانا فضل الرحمان آصف زرداري سان شڪايت ڪئي ته اليڪشن کانپوءِ مسلم ليگ (ن) گڏيل اپوزيشن لاءِ راضي هئي، اوهان راضي نه ٿيا، موجوده حالتن کي گڏيل اپوزيشن جي صورت ۾ ئي منهن ڏئي سگهجي ٿو. ذريعن موجب اڳوڻي صدر آصف علي زرداري اپوزيشن کي متحد ڪرڻ واري تجويز سان اصولي اتفاق ڪيو آهي. ذريعن مطابق مولانا فضل الرحمان مسلم ليگ (ن) جي صدر شهباز شريف سان رابطو ڪري اپوزيشن کي متحد ڪرڻ جي تجويز رکندو ۽ اپوزيشن کي متحد ڪرڻ ۽ ان جي گڏيل ايجنڊا تيار ڪرڻ لاءِ اپوزيشن جماعتن جو اجلاس طلب ڪرڻ جي تجويز تي ڳالهه ٻولهه ڪندو.

ملاقات کان پوءِ صحافين سان ڳالهائيندي مولانا فضل الرحمان چيو آهي ته آصف زرداري سان ملاقات طئي نه هئي، ملاقات کان اڌ ڪلاڪ پهريان بلاول هائوس مان فون آيو ته آصف زرداري مون سان ملڻ چاهي ٿو، آصف زرداري سان ملاقات جي ڪا ايجنڊا نه هئي. هن چيو ته اسان ملاقات دوران اتفاق ڪيو ته 2018ع جي چونڊن ۾ تاريخي ڌانڌلي ٿي آهي. مولانا فضل الرحمان چيو ته اسان چونڊن بعد ئي تجويز رکي هئي ته ميمبر طور حلف نه کنيو وڃي پر مخالف ڌر جي ٻن جماعتن اسان جي راءِ سان اتفاق نه ڪيو، ان بعد اها به راءِ آئي ته اسان پارليامينٽ ۾ اڪثريت حاصل ڪري سگهون ٿا، ان تي پيپلز پارٽي اتفاق نه ڪيو. هن چيو ته مخالف ڌر جي پارٽين ۾ عدم اتفاق جي صورتحال سبب سڀ متاثر ٿي رهيا آهن، هن چيو ته ملڪ ۾ عالمي دٻاءَ تي قومي سطح جا فيصلا ٿي رهيا آهن، حڪومت جا فيصلا ملڪ کي ڪمزوري طرف وٺي وڃي رهيا آهن، هي حڪومت عوام جي چونڊيل حڪومت ناهي، حڪومت جو مينڊيٽ جعلي آهي، حڪومت جي پاليسي جي نتيجي ۾ ڊالر ڪٿان کان ڪٿي پهچي ويو آهي، اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ اُلو ڳالهائي رهيا آهن، 24 ارب ڊالر جا مٽاسٽا جا ناڻي جا ذخيرا اڌ رهجي ويا آهن، اقتصادي مضبوطي ڪنهن به ملڪ جي لاءِ لازم آهي، رياست مدينه جي تقاضائن کان هي حڪومت واقف ئي ناهي، هي ملڪ کي سيڪيولر ۽ لبرل پاڪستان طرف وٺي وڃي رهيا آهن. مولانا فضل الرحمان چيو ته حڪومت جي پاليسي ڪري پاڪ- چين دوستي داءُ تي لڳل آهي، 70 سال پراڻي دوستي ۾ ويڇا اچي رهيا آهن، اقتصادي راهداري جي منصوبن کي آمريڪا جي خواهش تي سست ڪيو پيو وڃي. هن چيو ته ڪرتارپور ڪاريڊور قاديانين جي مرڪز وٽ وڃي ختم ٿئي ٿو، هن چيو ته اسرائيل کي تسليم ڪرڻ جون ڳالهيون ٿي رهيون آهن، هن چيو ته اپوزيشن جي پارٽين وٽ گرينڊ اپوزيشن جي قيام کان علاوه ڪو رستو ناهي، قومي اسيمبلي ۾ اپوزيشن ليڊر شهباز شريف کي پيغام موڪليندس ته مخالف ڌر جي پارٽين کان تجويزون وٺي انهن جي روشني ۾ مخالف ڌر جي پارٽين جي اي پي سي طلب ڪئي وڃي، جيڪڏهن اپوزيشن جي حڪمت عملي نه هوندي ته پوءِ ڪنهن ڊيل جون ڳالهيون زور وٺنديون، هن چيو ته آصف زرداري سان ملاقات دوران گڏيل اپوزيشن بابت شڪايت ضرور ڪئي پر آصف زرداري گڏيل اپوزيشن لاءِ تيار ٿئي ٿو ته ان لاءِ (ن) ليگ تيار نه ٿي ٿئي، ن ليگ تيار ٿيندي آهي ته زرداري صاحب تيار نه هوندو آهي، هن چيو ته ڇا اسان ان وقت گڏ ٿينداسين جڏهن سڀ جيل ۾ هونداسين، مخالف ڌر جون پارٽيون گڏ ٿي مخالف ڌر اڳواڻ کي پي اي سي چيئرمين ڪرائڻ ۾ ڪامياب ٿيون، نااميدي جون ڳالهيون نه پر رڳو فيصلي ڪرڻ جي جرئت هجڻ گهرجي.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *