Thursday , April 25 2024

آصف زرداري جي نيب ريفرنسز مان بريت جي ڪهاڻي..!

Asif-Ali-Zardari-PPP

اڳوڻي صدر آصف علي زرداري جي پرڏيهه ۾ ملڪيتن ٺاهڻ ۽ آف شور ڪمپنين بابت ڪرپشن ريفرنسز مان باعزر بري ٿيڻ واري معاملي جي اصل حقيقت اها آهي ته عدالت ۾ سندس خلاف ٺوس ثبوت پيش ئي نه ڪيا ويا، جنهن جي بنياد تي عدالت کيس بري ڪرڻ جو فيصلو ٻڌايو هو.

آصف زرداري جي بينڪ اڪائونٽس ۽ آف شور ڪمپنين جو اصل رڪارڊ توڙي دستاويزن جون تصديق ٿيل ڪاپيون پيش نه ڪيون ويون، نيب سندس اثاثن جا پختا ثبوت ۽ شاهد به پيش نه ڪيا، شاهدن جي بيانن ۾ به تضاد آهي، ڪيس جي ناقص جاچ آصف زرداري جي بريت جو سبب بڻي. راولپنڊي جي احتساب عدالت اڳوڻي صدر آصف زرداري کي نيب ريفرنس مان بري ڪرڻ واري فيصلي جا تفصيل جاري ڪري ڇڏيا آهن. تفصيلي فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته نيب آصف زرداري خلاف ٺوس شاهديون پيش نه ڪري سگهيو،پيش ڪيل دستاويز  قانوني شاهدين جي معيار تي پورا نه ٿا لهن. راولپنڊي جي عدالت پاران 22 صفحن تي مشتمل تفصيلي فيصلو جاري ڪيو ويو آهي، جنهن ۾ چيو ويو آهي ته ڪيس ۾ اڻپوري جاچ آصف زرداري جي بريت جو سبب بڻي. تفصيلي فيصلي موجب نيب آصف زرداري خلاف ٺوس شاهديون پيش نه ڪري سگهيو،پيش ڪيل دستاويز  قانوني شاهدين جي معيار تي پورا نه ٿا لهن. فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته آصف زرداري جي آف شور ڪمپنين ۽ بينڪ اڪائونٽ بابت تفصيل پيش نه ڪيا ويا.

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ جي تاريخي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي زمين تي والار جاري

ٺٽو ( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) سنڌ جي تاريخي ورسي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *