Friday , March 29 2024

آصف زرداري جي فارم تي اعتراض واريندڙ نوجوان ۽ سندس والد کنڀجي ويا

نوابشاهه (خاص نمائندو سنڌسماءَچار) اڳوڻي صدر ۽ پ پ پ جي شريڪ چيئرمين آصف زردازري جي نامزدگي فارم تي اعتراض واريندڙ نوجوان کي خميس ۽ جمعي جي وچ واري رات ڪجهه ماڻهو گهران سڏي کنڀي ويا ويا آهن. قاضي احمد ويجهو ڳوٺ پير فارم واسي نوجوان رضا ڌاريجو کي ڪجهه ماڻ هو گهرا سڏي پاڻ سان وٺي ويا، جنهن جو اڃا سوڌ ڪو به ڏس پتو ناهي پيو. نوجوان رضا جي ڀاءُ مرتضيٰ سنڌسماءَچار کي فون تي رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته، ”ڀاءُ کي رات سوا ڏهين وڳي ڌاري ڪجهه ماڻهن گهران ڪم سانگي سڏيو، هي جيئن گهران نڪتو ته بابا به سندس پٺيان ويو. هن ٻڌايو ته، ڀاءُ ۽ بابا جو اڃا سوڌو ڪو به ڏس پتو ناهي ته ته ڪٿي آهي. هن ٻڌايو ته ڀاءُ رضا اڳوڻي صدر ۽ پ پ جي شريڪ چيئرمين آصف زرداي جي نامزدگي فارم تي اعتراض واريندي درخواست ڏني هئي، جنهن لاءِ هُن (رضا) ٻڌايو هو ته ان جي ٻڌڻي سڀاڻي يا پرينءَ ( اڄ جمعي يا ڇنڇر) ٿيندي“.مرتضيٰ وڌيڪ ٻڌايو ته ”ڪيترن ٻن ڪلاڪن تائين ڀاءُ سان رابطو نه پي ٿيو، ٽن ڪلاڪن بعد رابطو ٿيو ته هن چيو مان گهر اچي ويندس ۽ بابا بابت ڪجهه به ڪو نه ٻڌايو، ان کي به ٻه اڍائي ڪلاڪ ٿي ويا آهن اڃا سند ڏس پتو ناهي ۽ وري ان جو فون به نه ٿو لڳي. هن وس وارن ۽ ساڃا وندن کي اپيل ڪئي سندن مدد ڪئي وڃي.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *