Friday , March 29 2024

آصف زرداري جي طبيعت نه سڌري

ڪراچي (رپورٽ: اصغر آزاد   سنڌسماءَچار ) اڳوڻي صدر آصف علي زرداريءَ جي طبيعت ۾ سوا مهينو لاڳيتي علاج باوجود سڌارو اچي نه سگهيو، انجائينه جي تڪليف سبب کيس اينجيوگرافي جي صلاح. ضمانت تي آزادي بعد 14 ڊسمبر تي ڪراچي جي نجي اسپتال ۾ داخل  ٿيل اڳوڻي صدر آصف زرداري جي مختلف بيمارين جي ميڊيڪل رپورٽ جاري ڪئي وئي آهي. آصف زرداري جي ميڊيڪل رپورٽ ۾ چيو ٻن مرضن جو خصوصي طور تي ذڪر ڪيو ويو آهي، رپورٽ مطابق، آصف زرداري کي لاڳيتو انجائينيه جي تڪليف برقرار آهي ۽ سندس شگر ليول تي به ضابطو نه پيو ٿئي. انجائينيه جي لڳيتي تڪليف سبب آصف زرداري کي صلاح ڏني وئي آهي ته سندس انجيوگرافي ڪرائڻ ضروري آهي. رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته، اڳوڻي صدر ۽ پيپلز پارٽي جي شريڪ چيئرمين آصف علي زرداري جي طبيعت ۾ بهتري اچڻ وارو عمل انتهائي سست آهي.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *