Saturday , April 20 2024

آصف زرداري جو ويجهو ساٿي غلام قادر مري ٽن ساٿين سميت پراسرار نموني گم، گاڏي ڄامشورو مان هٿ، ڪجهه ڏينهن ۾ اهم گرفتارين جا امڪان

Ghulam Qadir Marri 3

اڳوڻي صدر آصف علي زرداري جو ويجهو دوست غلام قادر مري ڄامشوري ڀرسان پراسرار نموني گم ٿي ويو آهي، سنڌسماءَچار کي اعتماد جوڳن ذريعن کان مليل ڄاڻ موجب غلام قادر مري پراسرار نموني گم نه ٿيو آهي پر کيس نيب حراست ۾ ورتو آهي، کيس ڇنڇر يا ايندڙ هفتي عدالت ۾ پيش ڪيو ويندو.

غلام قادر مري جي لينڊ ڪروزر نمبر بي ايڇ 7771 ڄامشوري ڀرسان ريلوي ٽريڪ وٽان لاوارث حالت ۾ ملي آهي.

ان سلسلي ۾ غلام قادر مري جي ڀائٽيي نور محمد مري ٻڌايو آهي ته “ چاچا غلام قادر ڪنهن ڪم سانگي ڄامشوري ويل هو، ڏينهن جو ساڻس رابطو ٿيندو رهيو، پر شام جو ستين وڳين کان سندس موبائل فون بند ملي رهيو آهي، چاچا سان گڏ سندس ڊرائيور، محافظ ۽ پرسنل اسسٽنٽ جا به موبائل فونز مسلسل بند ملي رهيا آهن”. نور محمد مري وڌيڪ ٻڌايو ته “ چاچا جي گاڏي ڄامشوري ڀرسان ملي آهي، جنهن بابت پوليس تصديق ڪئي آهي، گاڏي ڄامشورو پوليس پنهنجي تحويل ۾ وٺي ڇڏي آهي”.

ان سلسلي جڏهن ايس ايس پي ڄامشورو سان رابطو ڪيو ويو ته هُن ان ڳالهه جي تصديق ڪئي ته، “ غلام قادر مري جي گاڏي ڄامشورو پاور هائوس ڀرسان ريلوي ٽريڪ وٽان لاوارث حالت ۾ هٿ آئي آهي، پوليس معاملي جي جاچ ڪري رهي آهي”.

غلام قادر مري بابت مليل ڄاڻ موجب، سندس شمار اڳوڻي صدر آصف زرداري جي ويجهن ۽ انتهائي بااعتماد دوستن ۾ ٿئي ٿو.

ٻي طرف سنڌسماءَچار کي اعتماد جوڳن ذريعن کان مليل ڄاڻ موجب، آصف زرداري جي نوابشاهه ۽ ٽنڊو الهيار سميت مختلف ضلعن ۾ زرعي زمين، آبپاشي کاتي، ذاتي ۽ سياسي نوعيت جي سمورن مامرا به غلام قادر مري ئي سنڀاليندو رهيو آهي.

Ghulam Qadir Marri 1Marri new

ٻي طرف سنڌسماءَچار کي اعتماد جوڳن ذريعن کان مليل ڄاڻ موجب، آصف زرداري جي نوابشاهه ۽ ٽنڊو الهيار سميت مختلف ضلعن ۾ زرعي زمين، آبپاشي کاتي، ذاتي ۽ سياسي نوعيت جي سمورن مامرا به غلام قادر مري ئي سنڀاليندو رهيو آهي.

ذريعن کان مليل ڄاڻ موجب يونين ڪائونسل سنجر چانگ ۾ 16 ايڪڙن کان وڌيڪ ايراضي تي ٺهندڙ بلاول هائوس جي سموري اڏاوتي ڪم جون ذميواريون به غلام قادر مري جي حوالي ٿيل آهن.

ذريعن سنڌسماءَچار کي ٻڌايو ته، غلام قادر مري سان گڏ حراست ۾ ورتل سندس ڊرائيور، پرسنل اسسٽنٽ ۽ محافظ سندس جا انتهائي اعتماد وارا ملازم آهن، جن کي سندس سموري ڪاروهنوار جي مڪمل ڄاڻ آهي، انڪري ئي انهن کي به حراست ۾ ورتو ويو آهي.

جيڪڏهن سندس وارثن اغوا بابت فرياد داخل ڪرائي ته پوءِ غلام قادر مري جي گرفتاري ظاهر ڪري غلام قادر مري کي ڇنڇر ڏينهن يا وري ايندڙ هفتي عدالت ۾ پيش ڪيو ويندو.

غلام قادر مري خلاف ٽنڊو الهيار ضلعي ۾ اوقاف ۽ ٻين سرڪاري کاتن جي هڪ هزار ايڪڙن کان وڌيڪ جي زرعي زمين تي غير قانوني قبضي جي به جاچ ڪئي پئي وڃي. ذريعن جي دعويٰ آهي ته ان زمين جو سنڀاليندڙ غلام قادر مري آهي پر اصل ۾ اها آهي آصف زرداري ۽ فريال ٽالپر جي ئي آهي.

Marri and zardariGhulam Qadir Marri 2

مليل ڄاڻ موجب ايندڙ ڪجهه ڏينهن اندر اڃا وڌيڪ گرفتاريون عمل ۾ اچڻيون آهن.

ياد رهي ته غلام قادر مري کان پهريان ڪجهه ڏينهن اڳ آصف زرداري جو ويجهو دوست ۽ اڳوڻو صوبائي صلاحڪار نواب لغاري اسلام آباد ۽ انور مجيد آرائين جي اومني گروپ جو ڪنسلٽنٽ اشفاق لغاري حيدرآباد ويجهو سپر هاءِ وي تان پراسرار نموني گم ٿي چڪا آهن.

About Asghar Azad

Check Also

نيون تڪبنديون، سنڌ جي چئن ضلعن ۾ قومي ۽ صوبائي اسيمبلي جون4 سيٽون گهٽجي ويون

ڊجيٽل آدمشماري ۾ سنڌ جي آبادي تي هنيل ڌاڙي ۽ پيپلزپارٽي جي اقتداري لالچ جا …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *