Thursday , April 18 2024

آصف زرداري جا پروڊڪشن آرڊرز جاري ڪيا وڃن”، پي ٽي آءِ جي سينئر پارليامينٽيرينز جو وزيراعظم کي مشورو”

ڪراچي(رپورٽ اصغر آزاد سنڌسماءَچار) ”اڳوڻي صدر آصف زرداري سميت گرفتار ڪيل سمورن ايم اين ايز جا پراڊڪشن آرڊرز جاري ڪيا وڃن“، پي ٽي آءِ جي سينئر اڳواڻن وزيراعظم کي صلاح ڏئي ڇڏي آهي، سنڌسماءَچار جو چوڻ آهي ته، پي ٽي آءِ جي سينئر پارليامينٽيرينز ۽ سنجيده قسم جي اڳواڻن وزيراعظم عمران خان کي صلاح ڏني آحي ته آصف زرداري سميت گرفتار ڪيل سمورن ايم اين ايز جا پراڊڪشن آرڊرز جاري ڪيا وڃن. وفاقي بجيٽ منظور ڪرائڻ تحريڪ انصاف لاءِ مٿي جو سور بڻجي ويو آهي، پي ٽي آءِ جي اڪثر غير پارلياماني تجربو رکندڙ ايم اين ايز پاران اپوزيشن ليڊر شهبا شريف کي قومي اسيمبلي ۾ٽن ڏينهن کان لاڳيتو بجيٽ تي بحث ڪرڻ جي شروعات ڪرڻ جي اجازت نه ڏئي رهيا آهن، جنهن جي نتيجي ۾ 30 جون مٿان اچي وئي آهي پر بجيٽ تي بحث شروع ناهي ٿي سگهيو. ٻئي پاسي پيپلز پارٽي پاران آصف زرداري، محسن داوڙ ۽ علي وزير سيمت ٻين گرفتار ڪيل ايم اين ايز جا پارڊڪشن آرڊرز جاري ڪرائڻ لاءِ قومي اسيمبلي ۾ احتجاج ڪري رهي آهي، ان صورت ۾ شهباز شريف کي تقرير ڪرڻ جي اجاز ت نه ڏيڻ سان اپوزيشن تي ڪو به فرق نه پئجي رهيو آهي؛ پر پريشاني تحريڪ انصاف لاءِ وڌي رهي آهي. ان سلسلي ۾ www.sindhsamaachar.com پاران جڏهن پي ٽي آءِ ۽ جي يو آءِ جي جي ڪجهه سينئر ۽ باخبر اڳواڻن سان رابطو ڪري ان مسئلي بابت ڄڻا حاص ڪئي وئي ته، پي ٽي آءِ جي هڪ باخبر اڳواڻ نالو نه لکڻ جي شرط تي سنڌسماءَچار کي ٻڌايو ته، پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي سميت پارٽي جي سينئر پارليامينٽيرينز وزيراعظم عمران خان کي صلاح ڏني آهي ته، آئيني، قانوني ۽ پارلياماني روايتن جي پاسداري لاءِ آصف زرداري سميت گرفتار ڪيل سمورن ايم اين ايز کي قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ شرڪت لاءِ پروڊڪشن آرڊرز جاري ڪرڻ جي اجازت ڏيو.

سنڌسماءَچار جي ذريعن دعويٰ ڪئي آهي ته وزيراعظم 18 جون واري وفاقي ڪابينا جي اجلاس کان اڳ ڪجهه سينئر اڳواڻن جي زور ڀرڻ تي هڪ موقعي تي وزير اعظم ان ڳالهه تي راضي ٿي ويو ته محسن داوڙ ۽ علي وزير کانسواءِ آصف زرداري ۽ خواجا سعد رفيق جا پرقاڊڪشن آرڊرز جاري ڪيا وڃن، پر انهن  سان پي ٽي آءِ جا سينئر اڳواڻ ڳالهائين ته اهي محسن داوڙ ۽ سميت ٻين گرفتار ايم اين ايز جا پراڊڪشن جاري ڪرڻ واري مطالبي تان هٿ کڻي وڃن. پي ٽي آءِ جي ان اڳواڻ ٻڌايو ته، جڏهن وزير اعظم  اهڙي ڳالهه ڪئي ته اتي موجود (ڪابينا اجلاس کان اڳ) ڪجهه اڳواڻن ۽ هڪ اهم شخصيت ان ڳالهه جي سخت مخالفت ڪئي، جنهن بعد فوري طور تي وزيراعظم به پوئتي هٽي ويو. ذريعن دعويٰ ڪئي آهي ته، پراڊڪشن آرڊر واري معاملي تي وزيراعظم جا مختلف پارٽين جي چونڊيل سنيئر پارليامينٽيرينز ۽ اڻ چونڊيل اڳواڻن سان صلاح مشورا هلندڙ آهن، اميد آهي ته جيڪڏاهن سمورن نه به صحي ته پوءِ آصف زرداري ۽ خواجا سعد رفيق جا پراڊڪشن آرڊرز جاري ٿي سگهن ٿا. ان لاءِ پ پ کي به راضي ڪيو ويندو ته ٻين ايم اين ايز جي پروڊڪشن آرڊرز لاءِ گهڻو زور نه ڀريو وڃي

About Asghar Azad

Check Also

نيون تڪبنديون، سنڌ جي چئن ضلعن ۾ قومي ۽ صوبائي اسيمبلي جون4 سيٽون گهٽجي ويون

ڊجيٽل آدمشماري ۾ سنڌ جي آبادي تي هنيل ڌاڙي ۽ پيپلزپارٽي جي اقتداري لالچ جا …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *