Friday , April 19 2024

آصف زرداري جي اڄ پهرين پيشي، فريال ٽالپر پيش ٿيندي يا نه آصف حتمي فيصلو نه ڪيو

اسلام آباد( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) جعلي بئنڪ اڪائونٽس اڪائونٽس ڪيس جي پهرين شنوائي اڄ احتساب عدالت ۾ ٿي رهي آهي، اڳوڻو صدر آصف علي زرداري پهريون ڀيرو احتساب عدالت ۾ پيش ٿيندو، ساڳئي ڪيس ۾ سندس ڀيڻ فريال ٽالپر جي عدالت ۾ پيشي بابت آصف زرداري اڃا تائين فييصلو ناهي ڪيو، ذريعن جو چوڻ آهي ته فريال ٽالپر جي پيش ٿيڻ يا نه ٿيڻ بابت آصف زرداري سومر ڏينهن ڪندو. آصف زرداري ۽ فريال ٽالپر خلاف ڪوڙن بئنڪ کاتن واري ميگا ڪرپشن ڪيس جي ٻڌڻي اسلام آباد احتساب عدالت ۾ اڄ ٿي رهي آهي. اڳڪوڻو صدر آصف زرداري عدالت ۾ پيشي لاءِ نوابشاهه کان اسلام آباد پهچي ويو آهي. ان سلسلي ۾ اعتماد جوڳن ذريعن کان www.sindhsamaachar.com کي معلوم ٿيو آهي ته، آصف زرداري احتساب عدالت ۾ پاڻ ته پيش ٿيندو پر فريال ٽالپر جي عدالت ۾ پيش ٿيڻ بابت حتمي فيصلو ناهي ڪيو، فريال جي عدالت ۾ پيشي لاءِ حتمي ففيصلو آصف زرداري ئي ڪندو ۽ اهو به اڄ سومر ڏينهن احتساب عدالت روانگي کان ڪجهه وقت اڳ ئي فيصلو ڪندو. سنڌسماءَچار جي ذريعن جو چوڻ آهي ته، آصف زرداري عدالت ۾ پيشي بابت پنهنجي قانوني ٽيم ۽ ڪجهه سينئر پارٽي اڳواڻن سان صلاح مشورا ته ڪيا آهن، پر انهن کي به واضح طور چئي ڇڏيو آهي ته، عدالتن ۾ پيش ٿيڻ يا نه ٿيڻ جو فيصلو هُو پاڻ ڪندو، فريال ٽالپر به پيشي تي عدالت ويندي يا نه ان جو به هُو پاڻ طئه ڪندو. ان حوالي سان ڪجهه قانوني ماهرن جو چوڻ آهي ته هڪ ئي ڪيس ۾ هڪ کان وڌيڪ جوابدار هجڻ سان پهرين قانوني گهرج اها آهي ته سمورا جوابدار موجود هجن ته ڪارروائي هلندي، جيڪڏهن نه ته پوءِ ان صورت ۾ عدالت گهٽ ۾ گهٽ ٻن ٻڌڻين تائين پيش نه ٿيندڙ جوابدارن کي نوٽيس جاري ڪندي آهي، ان کانپوءِ ئي وڌيڪ ڪارروائي هلائي سگهبي آهي، ممڪن آهي ته آصف زرداري جعلي بئنڪ اڪائونٽس ڪيس کي ڊيگهه ڏيارڻ لاءِ اهڙو حربو استعمال ڪري.

آصف علي زرداري ۽ فريال ٽالپر خلاف جعلي بينڪ اڪائونٽس ڪيس ۾ پهرين ٻ ڌڻي جي موقعي تي احتساب عدالت اسلام آباد ٻاهران سيڪيورٽي جا انتظام سخت ڪيا ويا آهن. گذريل ڀيري نيب هيڊڪوارٽرز ۾ آصف زرداري جي پيشي دوران پيش آيل واقعن کي نظر ۾ رکندي عدالت اندر ۽ ٻاهر سيڪيورٽي جا انتظام انتهائي سخت ڪيا ويا آهن، جنهن لاءِ 200 اضافي پوليس اهلڪارن سوڌو 200 کان وڌيڪ رينجرز اهلڪارن کي به عدالت جي اندر ۽ ٻاهر مقرر ڪيا ويا آهن. اسلام آباد جي ڊي آءِ جي آپريشن وقار الدين سيد جو چوڻ آهي ته پوليس ۽ رينجرز جا اٽالا ان لاءِ رکيا آهن ته جيئن ڪو به اڻ وڻندڙ واقعو نه ٿئي، جيڪڏهن ڪنهن به شخص قانون هٿ ۾ کڻڻ جي ڪوشش ڪئي ته ان خلاف سخت قانوني ڪارروائي ڪئي ويندي. واضح رهي ته احتساب عدالت آصف علي زرداري کي ڪراچي جي بينڪنگ ڪورٽ کان ڪيس اسلام آباد منتقل ڪرڻ واري مامري تي طلب ڪيو آهي.  انهيءَ ڪيس ۾ عدالت 23 ٻين جوابدارن کي به طلب ڪيو آهي. ٻي پاسي آصف علي زرداري جعلي بينڪ اڪائونٽس ڪيس ۾ جواب جمع ڪرائڻ جي لاءِ نيب کان ٻن هفتن جي مهلت طلب ڪري ورتي آهي، اعتبار جوڳن ذريعن جو چوڻ آهي ته آصف علي زرداري جي وڪيلن پاران هڪ خط نيب جي اختيارين کي اماڻيو ويو آهي جنهن ۾ 17 اپريل تائين مهلت طلب ڪئي وئي آهي ته آصف علي زرداري جو جعلي بينڪ اڪائونٽس ڪيس ۾ جواب ڪرائڻ جي لاءِ 17 اپريل تائين کين مهلت ڏني وڃي، ڇاڪاڻ ته هن وقت جواب تيار نه ٿي سگهيو آهي، نيب ذريعن جو چوڻ آهي ته آصف علي زرداري جي وڪيلن جو لکيل خط وصول ٿي چڪو آهي پر ان خط تي مهلت ڏيڻ جو فيصلو اڃا تائين ناهي ڪيو ويو.

About Asghar Azad

Check Also

هاڻي جنهن به ملڪ وڃون ٿا ته منهن ڏسي سمجهي ٿا وڃن ته پئسا وٺڻ آيا آهن: وزيراعظم شهباز شريف

ڪراچي (مانيٽرنگ ڊيسڪ   سنڌسماءَچار) اسان کي پنڻ جو سلسلو بند ڪرڻو پوندو، هاڻي جنهن به …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *