Friday , March 29 2024

آرڊيننس ذريعي قانون ٺاهڻا آهن ته پارليامينٽ کي بند ڪيو:جسٽس قاضي فائز

آرڊيننس ذريعي قانون ٺاهڻا آهن ته پارليامينٽ کي بند ڪيو،سالن تائين عدالتي فيصلن تي عمل نه ٿو ٿئي:جسٽس قاضي فائز عيسيٰ

اسلام آباد (سنڌسماءَچار  مانيٽرنگ ڊيسڪ) سُپريم ڪورٽ جي جج، جسٽس قاضي فائز عيسيٰ چيو آهي ته ورهين جا ورهيه گذري وڃن ٿا پر حڪومت عدالتي فيصلن تي عمل نه ٿي ڪري، جيڪڏهن آرڊيننس ذريعي قانون سازي ڪرڻي آهي ته پوءِ پارليامينٽ کي بند ڪري ڇڏيو. سپريم ڪورٽ ۾ خيبرپختونخوا ۾ ٻيلن جي واڍي واري ڪيس جي ٻڌڻي دوران ريمارڪس ڏيندي جسٽس قاضي فائز عيسيٰ چيو حڪومت کي هن ڪيس ۾ نظرثاني لاءِ اچڻ گهرجي ها، 2013ع جو فيصلو هو، جنهن تي عمل نه ٿيو آهي، ايندڙ نسل لاءِ ٻيلن جو تحفظ ضروري آهي. خيبرپختونخواه ۽ گلگت ۾ ٿورا ٻيلا رهجي ويا آهن، اُنهن کي به ويران ڪيو پيو وڃي. جسٽس قاضي فائز عيسيٰ پنهنجي ريمارڪس ۾ چيو ته ملڪ ڪٿي هو ۽ اُن کي ڪٿي آڻي بيهاريو ويو آهي، حڪمران ٻين مسئلن ۾ ڦاٿل آهن، اصل مسئلو ماحولياتي تحفظ جو آهي، ايڏو اهم قانون آرڊيننس ذريعي ڇو آندو ويو؟ جيڪڏهن قانون آرڊيننس ذريعي ٺاهڻا آهن ته پوءِ پارليامينٽ کي بند ڪري ڇڏيو. جسٽس قاضي فائز عيسيٰ ٻڌڻيءَ دوران ريمارڪس ۾ وڌيڪ چيو ته ڊڪٽيٽر جي قانون کي ڪير به ڇهڻ لاءِ تيار نه آهي، هڪ ڊڪٽيٽر اچي ٻن منٽن ۾ پارليامينٽ کي اُڏائي ڇڏيندو آهي، اڄڪلهه جي ماحول ۾ آزادي سان ڪا ڳالهه به نٿي ڪري سگهجي.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *