Friday , March 29 2024

آرٽيڪل 149(4) لاڳو ڪرڻ جي ڪوشش، سنڌي قوم جو ڀرپور جواب، وفاقي حڪومت وضاحتن ۾ پئجي وئي

آرٽيڪل 149(4) لاڳو ڪرڻ جي ڪوشش، سنڌي قوم جو ڀرپور جواب، شاهه محمود قريشي، فروغ نسيم سميت پي ٽي آءِ وضاحتن ۾ پورا

ڪراچي ( رپورٽر سنڌ سماءَچار) ايم ڪيو ايم باني جي وڪيل رهندڙ ۽ هاڻوڪي قانون واري وزير فروغ نسيم پاران ڪراچي جو انتظام وفاق حوالي ڪرڻ واري بيان تي سنڌي قوم جي گڏيل ردعمل تي فروغ نسيم سميت وفاقي حڪومت وضاحت ۾ پوري آهي، صدر عارف علوي آرٽيڪل 149 کي لاڳو ڪري ڪراچي جا انتظام وفاقي حڪومت حوالي ڪرڻ واري تجويز کي قبول نه ڪرڻ جي ڳالهه ڪئي آهي. آرٽيڪل 149 (4) لاڳو ڪري ڪراچي جا انتظام وفاق حوالي ڪرڻ جي تجويز ڏيندڙ قانون واري وفاقي وزير ۽ متحده باني جي وڪيل رهندڙ فروغ نسيم کي به سنڌي ميڊيا ۽ سنڌي قوم جي سخت ردعمل کان پوءِ وضاحتي بيان جاري ڪري ڇڏيو، هن چيو ته مان 149 (4) جي ذريعي ڪراچي کي وفاق حوالي ڪرڻ جي ڳالهه ناهي ڪئي، منهنجي بيان کي ٽوڙي مروڙي پيش ڪيو ويو آهي. هن پنهنجي جان ڇڏائڻ لاءِ اهو به چيوڳ ته ”مان ڌرتي جو پٽ آهيان، ضروت پئي ته سنڌ لاءِ جان جي قرباني ڏيڻ کان به ڪيٻائيندس، ايم ڪيو ايم مان اڪيلو ئي آهيان جيڪو سنڌ جي ورهاڱي جو مخالف آهيا“. جيڪو بيان به هن جي ٻين ايم ڪيو ايمي اڳواڻن جيان ئي آهي جيڪي اڪثر ائين ئي چوندا آهن. پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي به قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ خطاب ڪندي چيو ته ڪراچي کي وفاقي حوالي نه پيو ڪيو وڃي، فروغ نسيم جي اها ذاتي راءِ هوندي پر ان باوجود هُو ان بيان تان پوئتي هٽي  ويو آهي ۽ وضاحت به ڪئي اٿس، انڪري هاڻي اهو معاملو ختم ٿيڻ گهرجي.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *