Friday , April 19 2024

آرمي چيف ٽن ڏينهن جي دوري تي اردن پهتل شاهه عبدالله سان ملاقات

راولپنڊي( سنڌسماءَچار مانيٽرنگ ڊيسڪ) آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه ٽن ڏينهن جي دوري تي اردن پهچي ويو آهي، جتي هن شاهه عبدالله سان ملاقات ڪئي.آرمي چيف ملاقات دوران ڳالهائيندي چيو ته پاڪستان اردن پاران ڪنهن به مثبت قدم جو آڌرڀاءَ ڪندو. آئي ايس پي آر  مطابق آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه اردن جي ٽن ڏينهن جي دوري تي پهچي ويو، ان موقعي تي ٻه طرفن دفاعي ۽ سيڪيورٽي  لاڳاپن  جي لاءِ خدمتن تي آرمي چيف کي اردن جو اعليٰ فوجي اعزاز عطا ڪيو ويو.  ان موقعي تي  آرمي چيف ڳالهائيندي چيو ته پاڪستان اردن کي قدر جي نظر سان ڏسي ٿو، اسان اردن پاران ڪنهن به مثبت قدم جو آڌر ڀاءَ ڪنداسين. ملاقات ۾ شاهه عبدالله سيڪيورٽي، دفاع سميت مختلف شعبن ۾ سهڪار وڌائڻ  جي خواهش جو اظهار ڪيو.

About Asghar Azad

Check Also

نيون تڪبنديون، سنڌ جي چئن ضلعن ۾ قومي ۽ صوبائي اسيمبلي جون4 سيٽون گهٽجي ويون

ڊجيٽل آدمشماري ۾ سنڌ جي آبادي تي هنيل ڌاڙي ۽ پيپلزپارٽي جي اقتداري لالچ جا …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *