Wednesday , April 24 2024

آرمي چيف جي ملازمت ۾ واڌ، سپريم ڪورٽ نوٽيفڪيشن معطل ڪري ڇڏيو

آرمي چيف جي ملازمت ۾ واڌ، سپريم ڪورٽ نوٽيفڪيشن معطل ڪري ڇڏيو

اسلام آباد( خاص نمائندو/مانيٽرنگ ڊيسڪ  سنڌسماءَچار) سپريم ڪورٽ آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا جي ملازمت واري مدي ۾ واڌ جو نوٽيفڪيشن معطل ڪري ڇڏيو، عدالت وفاقي حڪومت سميت لاڳاپيل اختيارين کي ن وذٽيس جاري ڪندي ٻڌڻي سڀاڻي 27هين نومبر تائين  ملتوي ڪري ڇڏي آهي. سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس، جسٽس آصف سعيد کوسا جي سربراهي ۾ جسٽس مظهر عالم ۽ جسٽس منصور علي شاهه تي ٻڌل ٽي رڪني بئنچ جيورسٽ فائونڊيشن پاران داخل ڪرايل درخواست جي ٻڌڻي ڪئي، جنهن ۾ درخواستگذار پاڪ فوج جي سربراهه جنرل قمر جاويد باجوا جي ملازمت واري مُدي ۾ ٽن سالن جي واڌ کي غير آئيني قرار ڏيڻ ۽ ان کي جي نوٽيفڪيشن معطل ڪرڻ جي عرضي ڪئي هئي ( جيڪا درخواست بعد ۾ واپس وٺڻ جي به ڪوشش ڪئي وئي، جيڪا سپريم ڪورٽ واپس نه ڪئي).

عدالت ٻڌڻي دوران چيف جسٽس، جسٽس آصف سعيد کوسا رمارڪس ڏيندي چيو ته، ”صرف صدر مملڪت آرمي چيف جي ملازمت واري مُدي ۾ واڌ ڪري سگهي ٿو“، وزيراعظم کي ان ۾ واڌ جو اختيار ناهي. جنهن تي عدالت ۾ موجود اٽارني جرنل آف پاڪستان عدالت کي ٻڌايو ته، آرمي چيف جي ملازمت واري مدي ۾ واڌ صدر مملڪت جي منظوري کانپوءِ ڪئي وئي ۽ ان سمري کي ڪابينا پاران به منظور ڪيو ويو، جنهن تي بعد عدالت چيو ته، آرمي چيف جي ملازمت واري مُدي ۾ واڌ جو نوٽيفڪيشن معطل ڪيو وڃي ٿو، عدالت نوٽيفڪيشن معطل ڪندي، وفاقي حڪومت سميت لاڳاپيل ڌرين کي نوٽيسز جاري ڪرڻ جو حڪم ڏيندي ٻڌڻي سڀاڻي 27هين نومبر اربع تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

درخواست جي ٻڌڻي دوران عدالت پنهنجي رمارڪسز ۾ چيو ته، هن درخواست ۾ عدالت آرمي چيف کي ڌر بڻائي رهي آهي. ڄاڻايل درخواست جيورسٽ فائلونڊيشن پاران آرمي چيف جي ملازمت واري مُدي ۾ واڌ خلاف سپريم ڪورٽ ۾ درخواسست داخل ڪئي هئي. ياد هجي  ته گذريل اگسٽ مهيني جي 19هين تاريخ تي هڪ نوٽيفڪيشن ذريعي آرمي چيف جي مدي ۾ ٽن سالن جي واڌ ڪئي وئي هئي. وزيراعظم جي آفيس جي ن وٽيفڪيشن مطابق، وزيراعظم عمران خان، آرمي چيف جي موجوده مدت ختم ٿيڻ کانپوءِ آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا کي وڌيڪ ٽن سالن لاءِ آرمي چيف مقرر ڪيو ويو آهي. ن وٽيفڪيشن مطابق آرمي چيف جي ملازمت ۾ واڌ علائقائي سيڪيورٽي جي صورتحال کي نظر ۾ رکندي ڪئي وئي آهي.

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ جي تاريخي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي زمين تي والار جاري

ٺٽو ( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) سنڌ جي تاريخي ورسي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *