Thursday , April 25 2024

آرمي چيف جي مدي ۾ واڌ، اڄ هڪ هڪاڻي ٿيندي، حڪومت به تياري ڪري ورتي

آرمي چيف جي مدي ۾ واڌ، اڄ هڪ هڪاڻي ٿيندي

ايندڙ ڪجهه ڏينهن ۾ ٻن کان وڌيڪ استعيفائن جو امڪان آهي: ذريعا

آرمي چيف جي مدي ۾ واڌ واري معاملي ۾ بابر اعواڻ جو ڪردار سڌو آهي يا شڪي؟

اسلام آباد(خاص نمائندو     سنڌسماءَچار) آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا جي ملازمت جي مدي ۾ واڌ واري معاملي تي اڄ هڪ هڪاڻي ٿي ويندي، وزيراعظم عمران خان وفاقي ڪابينا ۽ پي ٽي آءِ جي پارليامينٽيرينز کي پارليامينٽ هائوس طلب ڪري ورتو، سپريم ڪورٽ ۾ به آرمي چيف جي مدي ۾ واڌ واري معاملي جي ٻڌڻي به اڄ صبح ٿي رهي آهي. آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا جي مدي ۾ واڌ وارو معاملو سپريم ڪورٽ پهچڻ بعد تي حڪومت پريشانين جي ور چڙهي وئي آهي، سپريم ڪورٽ پاران معاملي جو سڌو آئيني ۽ قانوني حل پيش ڪرڻ لاءِ وفاقي حڪومت کي اڄ تائين جي مهلت ڏني آهي، جنهن بعد وزيراعظم عمران خان وزيراعظم هائوس ۾ اربع تي شام ۽ رات جو دير سان ٽي ڌار ڌار اجلاس ڪيا. ذريعن موجب آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا، ڊي جي آءِ ايس آءِ فيض حميد خصوصي طور تي شريڪ ٿيا، ذريعن دعويٰ ڪئي آهي ته آرمي چيف ۽ ڊي جي آءِ ايس آءِ هلندڙ گڏجاڻي مان اٿي ويا، ٽنهي لڳ ڀڳ 40 منٽن تائين ڌار ملاقات ڪئي. جنهن بعد ڪجهه دير تائين وزيراعظم ۽ آرمي چيف وچ ۾ به نويڪلائي واري ملاقات ٿي. انهن ٻنهي اهم ملاقاتن کانپوءِ واري اجلاس ۾ آرمي چيف ۽ ڊي جي آءِ ايس آءِ پي ايم هائوس ۾ موجود هئڻ باوجود هڪ اجلاس ۾ شرڪت نه ڪئي.

وزيراعظم عمران خان سان آرمي چيف جي ملاقات(فائل فوٽو)

ذريعن کان مليل ڄاڻ مطابق، آخري اجلاس دوران وزيراعظم عمران خان پارٽي جي سينئر اڳواڻن ۽ پارٽي جي قانوني ماهرن تي واضح ڪيو آهي ته آرمي چيف جي مدي ۾ واڌ واري معاملي ۾ ڪنهن به قانوني ۽ آئيني پيچدگي رهڻ نه ڏني وڃي، اڄ سپريم ڪورٽ ۾ نئون نوٽيفڪيشن ۽ سمري پيش ڪئي وڃي. وزيراعظم شفقت محمود کي هدايت ڪئي آهي ته، معاملي جي گهڻ پاسائين نظر رکي وڃي، وزيراعظم ڪابينا جي اهم ميمبرن، اٽارني جنرل آف پاڪستان ۽ آرمي چيف جي وڪيل فروغ نسيم کي هدايت ڪئي آهي ته اڄ هڪ هڪاڻي ٿي وڃڻ گهرجي، عدالت ۾ معاملي کي مضبوط طريقي سان پيش ڪري عدالت کي مطمئن ڪيو وڃي.

ان سلسلي ۾ سنڌسماءَچار جي ذريعن اها به دعويٰ ڪئي آهي ته، ڪجهه ڏينهن ۾ ٻن يا ان کان به وڌيڪ استعيفيٰ جي اچڻ جو امڪان آهي، ذريعن موجب انهن استعيفائن جو واسطو آرمي چيف مدي ۾ واڌ واري ڪيس ۾ سپريم ڪورٽ جو فيصلو حڪومت جي حمايت يا مخالفت ۾ اچڻ سان ناهي. سپريم ڪورٽ جو فيصلو جيڪو به اچي پر اهي استعيفيائون لازمي طور اينديون. اهي استعيفائون جيڪڏهن تڪڙيون آيون ته 5 ڊسمبر کان اڳ اچي وينديون ٻي صورت ۾ اهي جنوري جي ٻئي هفتي تائين اچي وينديون.

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ جي تاريخي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي زمين تي والار جاري

ٺٽو ( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) سنڌ جي تاريخي ورسي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *