Friday , April 26 2024

آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا وڌيڪ ٽي سال عهدي تي مقرر رهندو

وزيراعظم عمران خان آرمي چيف جي ملازمت ۾ ٽن سالن تائين واڌ ڪري ڇڏي

اسلام آباد( خاص نمائندو سنڌسماءَچار) آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا ايندڙ ٽن سالن تائين پاڪ فوج جو سربراهه رهندو، وزير اعظم عمران خان منظوري ڏئي ڇڏي آهي، وزيراعظم هائوس پاران جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته، وزيراعظم عمران خان، آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا جي آرمي چيف جي عهدي واري ملازمت جي مدي ۾ ايندڙ ٽن سالن تائين واڌ ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. وزيراعظم هائوس جي بيان ۾ چيو ويو آهي ته، آرمي چيف جي ملازمت واري مدي ۾  واڌ وارو فيصلو ملڪي ۽ خطي جي صورتحال کي نظر ۾ رکندي ڪيو ويو آهي. وزيراعظم آفيس موجب وزيراعظم جي فيصلي سان ملڪ خطي جي صورتحال کي مستحڪم ۽ امن جي ڪوششن جو تسلسل برقرار رکڻ لاءِ ڪيل ڪوششن کي هٿي ملندي.

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ جي تاريخي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي زمين تي والار جاري

ٺٽو ( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) سنڌ جي تاريخي ورسي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *