Friday , April 19 2024

آدمشماري 2017، شماريات کاتي تفصيل جاري ڪري ڇڏيا

ڪراچي (سنڌسماءَچار مانيٽرنگ ڊيسڪ) شماريات واري اداري موجب پاڪستان جي ڪل آبادي 20 ڪروڙ 77 لک 74 هزار 520 آهي جڏهن ته آدم شماري ۾ سڄي ملڪ کي 1 لک 63 هزار 541 بلاڪن ۾ ورهايو ويو آهي. شماريات واري وفاقي وزير ڪامران مائيڪل جي صدارت هيٺ آدم شماري بابت ٿيل اهم اجلاس ۾ گذريل سال ٿيل ڇهين آدم شماري جي تفصيل جاري ڪري ڇڏي آهي، جنهن موجب پنجاب جي 87 هزار 6 بلاڪن جي ڪل آبادي 11 ڪروڙ 12 هزار 442، سنڌ جي 39 هزار هڪ سئو 39 بلاڪن جي ڪل آبادي 4 ڪروڙ 78 لک 86 هزار 51، خيبرپختونخواهه جي 21 هزار بلڪان جي ڪل آبادي 3 ڪروڙ 5 لک 23 هزار 371، بلوچستان جي 10 هزار بلاڪن جي ڪل آبادي 1 ڪروڙ 23 لک 44 هزار 408، اسلام آباد جي 1514 بلاڪن جي ڪل آبادي 20 لک 6 هزار 572 جڏهن ته فاٽا جي 4098 بلاڪن جي ڪل آبادي 50 لک 1 هزار 676 آهي. اجلاس ۾ بريفنگ دوران ڪامران مائيڪل جو چوڻ هو ته آدم شماري بابت سموري ضروري ڊيٽا جو رڪارڊ اليڪشن ڪميشن کي ڏنو ويندو سمورن بلاڪن جو رڪارڊ اليڪشن ڪميشڻ کي بنا دير ڏنو وڃي. هن چيو ته اميد آهي ته اليڪشن ڪميشن ان ڊيٽا جي بنياد تي تڪ بدين جو ڪم مڪمل ڪندي.

 

About Asghar Azad

Check Also

نيون تڪبنديون، سنڌ جي چئن ضلعن ۾ قومي ۽ صوبائي اسيمبلي جون4 سيٽون گهٽجي ويون

ڊجيٽل آدمشماري ۾ سنڌ جي آبادي تي هنيل ڌاڙي ۽ پيپلزپارٽي جي اقتداري لالچ جا …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *