Tuesday , April 16 2024

آدمشماري خرچ: وفاق سنڌ جا هڪ ارب 60 ڪروڙ ڪاٽي ورتا

وفاقي سرڪار آدمشماري جي خرچن جي مد ۾ پهرين مرحلي ۾ سنڌ جي حصي مان هڪ ارب 60 ڪروڙ رپيا ڪٽوتي ڪري ڇڏيا آهن، جڏهن ته فوج ٽرانسپورٽ جي مد ۾ ڌار رقم گهري ورتي آهي، تفصيل موجب سنڌ جي چيف سيڪريٽري رضوان ميمڻ جي صدارت هيٺ ڇهين آدمشماري بابت جائزو وٺڻ لاءِ اجلاس منعقد ٿيو. اجلاس ۾ صوبائي سينسس ڪمشنر عبدالحليم ميمڻ انتظامن بابت بريفنگ ڏني، جنهن ۾ سنسس ايرياز، فيلڊ اسٽاف جي تقرري، تربيتي پروگرام، نقشن جي فراهمي، ٽرانسپورٽ ۽ ٻين معاملن تي روشني وڌي.

census-karachi2

اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته آدمشماري 2017ع ۾ خدمتون انجام ڏيندڙ اسٽاف کي به تربيت فراهم ڪئي ويندي. چيف سيڪريٽري ڪمشنرز ۽ ڊپٽي ڪمشنرز تي زور ڀريو ته هو صوبائي حڪومت جي انهن ملازمن جي مانيٽرنگ ڪندا جيڪي سينسس 2017ع ۾ حصو وٺي رهيا آهن. رضوان ميمڻ هدايت ڪئي ته ريزرو اسٽاف جي ضرورت مطابق فيلڊ ۾ رسائي لاءِ سمورن لاڳاپيل آفيسن ۾ گاڏيون تيار رکيون وڃن، هن صوبائي سينسس ڪمشنر کي مشورو ڏنو ته وقت تي ضرورت جي تحت وفاقي شمارياتي اداري سان رابطي ۾ رهن ته جيئن هنگامي معاملا دير جو شڪار نه ٿين. ذريعن موجب اجلاس ۾ آگاهي ڏني وئي ته وفاقي سرڪار ملڪ ۾ ٿيندڙ ڇهين آدمشماري جي خرچن جي مد ۾ سنڌ صوبي جا هڪ ارب 60 ڪروڙ رپيا ڪٽوتي ڪري ڇڏيا آهن، جڏهن ته وفاقي سرڪار آدمشماري تي ٿيندڙ خرچن جي حوالي سان هڪ ارب 19 ڪروڙ رپيا سنڌ حڪومت بدران سڌي ريت ڊي سيز کي اماڻي ڇڏيا آهن، ذريعن جو چوڻ آهي ته آدمشماري وارن علائقن ۾ پهچڻ لاءِ پاڪ فوج ٽرانسپورٽ جي مد ۾ ڌار رقم گهري ورتي آهي، ذريعن اهو پڻ ٻڌايو ته ڇهين آدمشماري دوران سنڌ ۾ رهندڙ لکين افغانين کي ڳڻڻ يا نه ڳڻڻ وارو معاملو پڻ اڃا تائين مونجهاري جو شڪار ٿيل آهي، حڪومت ان سلسلي ۾ اڃا ڪو به فيصلو نه ڪري سگهي آهي ته سنڌ ۾ رهندڙ لکين افغانين کي ڳڻيو ويندو يا نه ڳڻيو ويندو، نه وري ان سلسلي ۾ ڪا واضح حڪمت عملي جوڙي وئي آهي. اجلاس ۾ سيڪريٽري صحت ڊاڪٽر فضل الله پيچوهو، گھرو سيڪريٽري قاضي شاهد پرويز، سيڪريٽري تعليم جمال مصطفيٰ سيد، سيڪريٽري ڪوآرڊينيشن ڊاڪٽر نياز عباسي، سيڪريٽري بلديات رمضان اعوان، سيڪريٽري پلاننگ ڊاڪٽر شيرين ناريجو، ڪمشنر ڪراچي اعجاز احمد خان، ڪمشنر حيدرآباد ساجد جمال ابڙو، ڪمشنر سکر عباس بلوچ، ڪمشنر ميرپور خاص شفيق احمد مهيسر، ڊي آئي جي منير شيخ ۽ فائيو ڪور جي نمائندن شرڪت ڪئي.

census-karachi1

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *