Saturday , April 20 2024

آدمشماري جي عمل ۾ ڪوتاهي برداشت نه ڪبي: ڊي سي  گهوٽڪي

Ghotki_District

ڊپٽي ڪمشنر گهوٽڪي سيد اعجاز علي شاهه چيو آهي ته ضلعي گهوٽڪي ۾ آدمشماري مهم کي ڪامياب بنائڻ لاءِ ضلعي انتظاميه ڏينهن رات ڪوششون ڪري رهي آهي ته جيئن ضلعي گهوٽڪي جي سمورن ماڻهن کي ڳڻپ واري عمل ۾ شامل ڪري سگهجي. اهڙن خيالن جو اظهار هُن آدمشماري جي حوالي سان مشق ڪرڻ واري تقريب ۾ ڳالهائيندي ڪيو. تقريب ۾ پاڪ آرمي جي ڪرنل عمران ۽ ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر سليم الله اوڍي سميت پاڪ آرمي جي دستن ۽ آدمشماري مهم جي عملي شرڪت ڪئي. ان موقعي تي هُن ڳالهائيندي چيو ته ڪا به مهم شروع ڪرڻ کان اڳ ۾ ان جي ڪاميابي کي يقيني بنائڻ لاءِ مشقون ڪرڻ ضروري آهن ته جيئن مهم دوران اسان کي ڪنهن به قسم جي مشڪل پيش نه اچي. هن چيو ته 19 سالن کان پوءِ آدمشماري ٿي رهي آهي انڪري لاڳاپيل عملدارن توڙي ملازمن کي گهرجي ته هُو مهم دوران سچائي ۽ ايمانداري سان ڪم ڪن ڇو ته هي قوم جي مستقبل جو مسئلو آهي ان ۾ ڪنهن به قسم جي لاپرواهي برداشت نه ڪئي ويندي. هن چيو ته آدمشماري تحت ئي قوم کي بنيادي حق ملي سگهندا آهن انڪري ضلعي گهوٽڪي جي باشعور فردن کي به گهرجي ته آدمشماري مهم ۾ وڌ کان وڌ حصو وٺي پنهنجي پنهنجي علائقن جي ماڻهن کي ڳڻپ واري عمل ۾ شامل ڪرائين. هن وڌيڪ ڳالهائيندي چيو ته آدمشماري مهم جي حوالي سان ڪنهن به قسم جي شڪايت لاءِ ڊپٽي ڪمشنر ڪمپليڪس ۾ قائم ٿيل ڪنٽروول روم جي نمبر 0723661680 تي رابطو ڪيو وڃي ته جيئن شڪايتن کي فوري طور تي حل ڪري سگهجي. ان کان اڳ پاڪ آرمي جي جوانن توڙي آدمشماري مهم جي حوالي سان پهرين مشق ميرپور ماٿيلو جي ڳوٺ اسلام لاشاري ۾ ڪاميابي سان ڪئي وئي.

About Asghar Azad

Check Also

نيون تڪبنديون، سنڌ جي چئن ضلعن ۾ قومي ۽ صوبائي اسيمبلي جون4 سيٽون گهٽجي ويون

ڊجيٽل آدمشماري ۾ سنڌ جي آبادي تي هنيل ڌاڙي ۽ پيپلزپارٽي جي اقتداري لالچ جا …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *