Friday , March 29 2024

آدمشماري جو پهريون مرحلو، ڪراچي جا14 علائقا حساس قرار

census-karachicensus saman2

سنڌ سميت سموري ملڪ ۾ 15 مارچ کان شروع ٿيندڙ گهر شماري ۽ آدمشماري لاءِ تياريون تيزي سان جاري آهن، آدمشماري دوران ڪراچي ڊويزن جي پنجن ضلعن جي 14 علائقن کي حساس قرار ڏنو ويو آهي، جڏهن ته تربيت ورتل عملي کي ضروري سامان مهيا ڪرڻ جو سلسلو به جاري آهي.

سنڌ سميت سموري ملڪ ۾ 15 مارچ کان شروع ٿيندڙ گهر شماري ۽ آدمشماري لاءِ تياريون تيزي سان جاري آهن، جڏهن ته آدمشماري عملي جي سيڪيورٽي لاءِ پاڪ فوج جا 2لک جوان ۽ هزارين پوليس اهلڪار مقرر ڪيا ويا آهن.

سنڌ ۾ ٿيندڙ آدمشماري جي پهرين مرحلي دوران ڪراچي، حيدرآباد ۽ ميرپورخاص ڊويزن جي سمورن ضلعن ۽ سکر ڊويزن جي رڳو گهوٽڪي ضلعي ۾ آدمشماري ڪئي ويندي.

census army

ملڪ سميت سنڌ ۾ ڇهين آدمشماري جي موقعي تي ڪراچي جي 5 ضلعن جي 14 علائقن کي حساس قرار ڏنو ويو آهي، عملي جي سيڪيورٽي لاءِ پاڪ فوج جا جٿا به ڪراچي ۾ پهچي ويا آهن، جن کي لاڳاپيل علائقن ۾ ترسايو ويو آهي.

آدمشماري دوران ڪراچي سميت مختلف ضلعن ۾ تربيت ورتل عملي کي سامان جي فراهمي جو سلسلو جاري آهي، آدمشماري ۾ 15 کان 17 مارچ تائين 3 ڏينهن گهر شماري ڪئي ويندي، 18 مارچ کان 28 مارچ تائين آدمشماري ڪئي ويندي.

سنڌ سميت سموري ملڪ ۾ 15 مارچ کان شروع ٿيندڙ گهر شماري ۽ آدمشماري لاءِ تياريون تيزي سان جاري آهن، جڏهن ته آدمشماري عملي جي سيڪيورٽي لاءِ پاڪ فوج جا 2لک جوان ۽ هزارين پوليس اهلڪار مقرر ڪيا ويا آهن.

census saman1

ملڪ ۾ 18 سالن کانپوءِ ٿيندڙ ڇهين آدمشماري لاءِ شماريات کاتي ۽ انتظاميا پاران تربيت ورتل عملي کي ضروري سامان فراهم ڪيو پيو وڃي.

آدمشماري عملي شماريات کاتي ۽ ضلعي انتظاميا جي هدايتن تي گهر شماري ۽ آدمشماري شروع ٿيڻ کان اڳ پنهنجن پنهنجن علائقن جي سروي شروع ڪري ڇڏي آهي.

آدمشماري لاءِ مقرر ڪيل عملي جي سيڪيورٽي جا انتظام به انتهائي سخت ڪيا ويا آهن، عملي جي سيڪيورٽي لاءِ پاڪ فوج جي جوانن سان گڏ پوليس اهلڪار به مقرر ڪيا ويا آهن.

ٻي طرف ذريعن کان معلوم ٿيو آهي ته، ڪراچي ۾ آدمشماري لاءِ مقرر ڪيل سويلين عملي کي ٽرانسپورٽ جي سهولت مهيا ناهي ڪئي وئي.

شماريات کاتي ۽ ضلعي انتظاميا پاران سويلين عملي کي ٽرانسپورٽ ڏيڻ کان جواب ڏنو ويو آهي، جنهن بعد عملي ۾ سخت ڳڻتي پکڙيل آهي.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *