Thursday , March 28 2024

آدمشماري تي پيپلزپارٽي جا خدشا، سنجيدگي تان پردو لهي ويو !

پرڏيهي وزير ۽ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري کي آدمشماري جي خدشن بابت بريفنگ ڏيڻ چاهي پر هن ملاقات جو وقت نه ڏنو: چيف ڪمشنر شماريات ڊويزن جي دعويٰ

ڪراچي ( رپورٽ:  آفاق ڀٽي   سنڌسماچار) سنڌ حڪومت ۽ پاڪستان پيپلزپارٽي پاران ڊجيٽل آدمشماري  تي خدشن باوجود بلاول ڀٽو زرداري اختيارين کي ملڻ جو وقت نه ڏنو، سنڌ حڪومت به لکت ۾ ڪو اعتراض نه اٿاريو آهي. ظاهر ٿئي پئي آهي،شماريات ڊويزن جي چيف ڪمشنر نعيم ظفر چيو آهي ته ستين آدمشماري سنڌ حڪومت جي اعتراضن کانپوءِ ان جي مطالبي تي تي ئي ڪرائي پئي وڃي، هن وقت تائين ڊجيٽل آدمشماري دوران مجموعي طور 14 ڪروڙ ماڻهن جي ڳڻپ ٿي آهي، سنڌ ۾ هيل تائين 3 ڪروڙ 14 لک ماڻهو ڳڻجي چڪا آهن. غيرقانوني ترسيل پناهگيرن جو انگ ان کان الڳ آهي، جيڪو في الحال ٻڌائي نه ٿا سگهون. ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي شماريات ڊويزن جي چيف ڪمشنر عتراف ڪندي چيو ته سڄي ملڪ خاص طور تي سنڌ ۾ عملي جي تربيت ۾ دير سبب ڪجهه هنڌن تي گهر شماري ۽ آدم ڳڻپ دير سان شروع ٿي ۽ ان ۾ ڪجهه مسئلا به پيش آيا. مختلف سوالن جا جواب ڏيندي نعيم ظفر چيو ته پرڏيهي وزير ۽ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري کي ڊجيٽل آدمشماري بابت  بريفنگ ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي، ان لاءِ ڪيترائي ڀيرا ملاقات لاءِ ٽائيم وٺڻ جي ڪوشش ڪئي، هن چيو ته ڪوششن باوجود بلاول ڀٽو وقت نه ڏنو، اسان سنڌ جي وڏو وزير مراد علي شاهه 2 ڀيرا ڊجيٽل آدمشماري جي سسٽم کي ڏسي چڪو آهي.نعيم ظفر چيو ته  ٻن يا ٽن ضلعن ۾ عملي جي تربيت دير سان ڪئي وئي، جيڪو عمل جلد مڪمل ٿي ويندو.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *