Friday , April 19 2024

آدمشماريءَ تي سنڌ جي اعتراضن جو سوال، آصف زرداري ڳالهه گول ڪري ويو

Asif Zardari 02

اڳوڻو صدر ۽ پ پ جو شريڪ چيئرمين آصف علي زرداري اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس دوران، ڇهين آدمشماري جي جاري ڪيل انگن اکرن تي سنڌ جي اعتراضن بابت پڇيل سوال جي جواب کي گول ڪري ويو. آصف زرداري آدمشماري جي انگن اکرن واري سوال تي چيو ته ” آپ ڪوئي سياسي سوال ڪرين “.

ياد رهي ته قومي اسيمبليءَ ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ ۽ پ پ جي سينئر اڳواڻ سيد خورشيد شاهه، پيپلز پارٽي سنڌ جي صدر ۽ سينئر صوبائي وزير نثار کهڙو، سينٽر اعجاز ڌامراهه سميت پ پ جا ٻين اڳواڻن، شماريات کاتي پاران ڇهين آدمشماري جي جاري ڪيل انگن اکرن تي سخت اعتراض واري چڪا آهن. پ پ سنڌ جي صدر نثار کهڙو پاران ان معاملي تي آل پارٽيز ڪانفرنس سڏائڻ جو به اعلان ڪيو هو.

اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي اڳوني صدر آصف زرداري ته پيپلزپارٽي ڪڏهن به ڪرپشن نه ڪئي آهي ۽ نه ان جي حوصلا افزائي ڪئي آهي،  آئون عدليه سان وڙهندو نه آهيان پر گڏ ڊوڙندو آهيان جيستائين هو ٿڪجي نه پون. منهنجي خلاف سمورا ڪيس سياسي بنياد تي ٺاهيا ويا، جيل اندر ويهي مون پنهنجا ڪيس وڙهيا، چاهيان ها ته نوازشريف کي پنجاب حڪومت نه ڏيان ها پر  ان سان  اسان مشرف کي اقتدار مان نيڪالي نه ڏئي سگهون ها.

  آصف زرداري چيو ته غلام اسحاق خان جي دور ۾ سندس خلاف 12 ڪيس ٺاهيا ويا، ايم پي او تحت نظر بند ڪرڻ سان گڏ مختلف ڪيسن ۾ قيد رکيو ويو. هن چيو ته پ پ ڪڏهن به انتقامي ڪارروائي نه ڪئي آهي ۽ اسان جي دور ۾ هڪ به سياسي قيدي نه هو.  آصف زرداري  نواز شريف جو نالو وٺڻ کانسواءِ ان تي تنقيد ڪندي چيو ته اڃا هن  جي ۽ منهنجي جنگ شروع نه ٿي آهي. آصف زرداري جو چوڻ هو ته اين آراو ۾ جمهوريت، اليڪشن ۽ نواز شريف جي واپسي به هئي، جيڪڏهن پرويز مشرف کان وردي نه لهرايون هاته هو اڄ تائين ويٺل هجي ها. آصف زرداري چيو ته مرتضيٰ ڀٽو جي  شهادت بعد اسان جي حڪومت ختم ڪئي وئي، جيل ۾ مون مٿان تشدد ڪرڻ سميت زبان به ڪاٽي وئي.

About Asghar Azad

Check Also

نيون تڪبنديون، سنڌ جي چئن ضلعن ۾ قومي ۽ صوبائي اسيمبلي جون4 سيٽون گهٽجي ويون

ڊجيٽل آدمشماري ۾ سنڌ جي آبادي تي هنيل ڌاڙي ۽ پيپلزپارٽي جي اقتداري لالچ جا …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *