Saturday , April 20 2024

آخر گهوٽڪي ضلعي ۾ ئي هندو نارين جو مذهب تبديل ڇو پيو ڪرايو وڃي؟ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ

اسلام آباد( خاص نمائندو سنڌسماءَچار) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ، رينا ۽روينا واري ڪيس جو لکت۾فيصلو جاري ڪري ڇڏيو آهي، چيف جسٽس اطهر من الله رمارڪس ڏيندي چيو آهي ته آخرڪار سنڌ جي هڪڙي ئي ضلعي ۾ هندو ڇوڪرين جو مذهب تبديل ڇو ٿو ڪرايو وڃي، پاڪستان جو آئين اقليتن کي مڪمل تحفظ ڏيڻ جي ضمانت ڏئي ٿو ۽ ان کي يقيني به بڻائڻ گهرجي. عدالت ڪيس جي لکت واري فيصلي ۾ عدالت چيو آهي ته وفاقي حڪومت معاملي بابت رپورٽ پيش نه ڪئي، گهرو سيڪريٽري رينا ۽ روينا معاملي جي جاچ ڪميشن جو سربراهه هوندو. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ، رينا ۽روينا معاملي بابت ٻڌايل فيصلو لکت ۾جاري ڪيو آهي. لکت فيصلي موجب، رينا ۽ روينا جي معاملي ۾ جوڙيل جاچ ڪميشن جي سربراهي گهرو سيڪريٽري ڪندو. لکت واري فيصلي ۾ وڌيڪ چيو ويو ته وفاقي حڪومت نارين واري معاملي بابت رپورٽ ئي پيش نه ڪئي. اسلام آباد هائي ڪورٽ ۾ ڪيس جي شنوائي چيف جسٽس ،جسٽس اطهر من الله جي سربراهي ۾ قائم بئنچ ڪئي.

عدالتي حڪم تي ڪميشن ۾ وفاقي وزير شيرين مزاري، مفتي تقي عثماني ، خاور رحمان ۽ ڊاڪٽر مهدي حسن کي جاچ ڪميشن ۾ شامل ڪيو ويو. عدالت، گهرو وزارت کي هدايت ڪئي ته ڪميشن کي سموريون سهولتون فراهم ڪيون وڃن. عدالت واضح ڪيو ته ڪميشن ۾ شامل سمورن ماڻهن کي هڪ جاءِ تي گڏ ڪرڻ حڪومت جو ڪم آهي. شنوائي دوران پمز پاران رپورٽ جمع ڪرائي وئي.، جنهن مطابق ڇوڪرين جي عمر ساڍا 19 ۽ 18 سال آهي. سينيٽر ڪرشنا ڪماري ميڊيڪل رپورٽس تي اعتراض واريندي چيو ته اسان کي ميڊيڪل رپورٽ تي اعتراض آهي، ميڊيڪل ڪرائڻ وقت اسان کي اعتماد ۾ نه ورتو ويو.عدالت هدايت ڪئي ته ايندڙ شنوائي تي وزيراعظم پاران ڪرايل انڪوائري رپورٽ به پيش ڪئي وڃي.عدالت ريمارڪس ڏيندي چيو ته ملڪ ۾ اقليتن جا حق صرف محفوظ نه هجڻ گهرجن، پر محفوظ نظر اچڻ گهرجن.هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس رمارڪس ڏنا ته رڳو ان ئي ضلعي ۾ اهڙا واقعا پيش ڇو ٿا اچن؟ اهو تاثر ختم ٿيڻ گهرجي ته ان ئي ضلعي ۾ اهڙا واقعا پيش اچن ٿا.عدالت رمارڪس ڏنا ته ان ڳالهه جو به جائزو ورتو ويندو ته ڇوڪرين کان زبردستي ته مذهب تبديل نه ڪرايو ويو، جنهن کانپوءِ عدالت ڪيس جي شنوائي 11 اپريل تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

About Asghar Azad

Check Also

هاڻي جنهن به ملڪ وڃون ٿا ته منهن ڏسي سمجهي ٿا وڃن ته پئسا وٺڻ آيا آهن: وزيراعظم شهباز شريف

ڪراچي (مانيٽرنگ ڊيسڪ   سنڌسماءَچار) اسان کي پنڻ جو سلسلو بند ڪرڻو پوندو، هاڻي جنهن به …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *