Friday , April 19 2024

آخرڪيستائين ٻين جي آسري رهنداسين: سچل وڌُو

سوشل ميڊيا ھائي اسپيڊ، سستِي ۽ آسان ھجڻ سبب دنيا ۾ ڇانيل آھي، ھتي ھر طبقي سان وابسته شخص ڳنڍيل آھي. سوشل ميڊيا جيئن ته ھر ھٿ ۽ اک جي زينت ۽ سمايل آھي، تنهن ڪارڻ ھر فرد موبائيل ھٿ ۾ کڻڻ وقت پاڻ کي آئيني جي سامھون محسوس ڪندي اھو ظاھر ڪندو آھي تي پاڻ ۾ ڪيتري قابليت آھي.، انھي ڪيفيت ۾ سامھون آيل پوسٽ کي لائيڪ ، ڪمينٽس ۽ شئيرنگ ڪندو آھي ـ

مون ھتي تمام وڏيون شخصيتون، ڏاها، قومپرست، تعليمي ماھر، سياسي سماجي شخصيتون، اديب، قالم نگار، فلاسفر، شاگرد، مزدور، صحافي، قانوندان وغيره وغيره سکندي ۽ سيکاريندي ڏٺا.

مون سڀني کي اڪثر سنڌ ڌرتيءَ لاءِ فڪرمند ڏٺو ۽ پڙھيو. نوي سيڪڙو سنڌ دشمن وڏيري ۽ سياستدانن کي قرار ڏنو پيو وڃي. آءُ اهو نه پيو سمجھي سگھان ته جڏهن اسين روزانو سوشل ميڊيا تي 4 کان 10 ڪلاڪ تائين ويھي افسوس ڪندا رھون ٿا، پنھنجي ئي نمائش ۾ لڳي وڃو ٿا ۽ سنڌ لاءِ درد به رکون ٿا، پوءِ ڀلا اسان ڪنهن ٻئي کي اڳيان ڪرڻ لاءِ ڇو انتظار ڪندا رھون ٿا. ڪنهن به سياسي پارٽي يا اميدوار ۾ سٺي توقع رکي ڪري ووٽ ڏيون ٿا ۽ پوءِ اھا پارٽي يا اميدوار ڪمن ڪارن ۾ زيرو ٿو نڪري تہ پوءِ وري پنج سال انتظار ٿا ڪريون ۽ واعدو ٿا ڪيون ته وري ووٽ ڪونه ڪبو پر جڏهن ووٽ ڏيڻ ۽ پلاند ڪرڻ جو وقت اچي ٿو ته وري ڪنهن مرشد جي ڪري ڪنهن مير جي ڪري ڪنهن سردار يا يار جي ڪري ساڳي جاءِ تي ووٽ اهو چئي ڪري، ڏيون ٿا ته ڇا ڪيون، بس اچي فلاڻو ويھي رھيو، مجبور ٿي ووٽ لاءِ واعدو ڏئي ويٺُس.

سوال اھو آھي ته جيڪا قوم ٻن فوٽن جي لڪيل بُوٿَ ۽ ويڙھيل، پني تي قومي غدار خلاف پلاند لاءِ ٺپو نه ھڻي سگھي، ان قوم مان ڪھڙي اميد رکجي، جيڪڏهن قوم کي پنھنجي ووٽ ڏيڻ جي خبر نٿي پوي ۽ اڻڄاڻ آھي ته پوءِ اسين ان قوم جي سڌرڻ ۽ سمجھڻ جو ويھي انتظار ٿا ڪريون ته جڏهن الله سمجھ ڏين ؟ منهنجو دوستن کان اهو به سوال آھي ته دنيا ۾ اھڙي ڪا قوم آھي؟ جيڪا سياسي پارٽي يا شخصيت کي 20 کان 40 سالن تائين آزمائيندي ھجي؟ افسوس! اسين ستل ۽ ٻئي تي ڀاڻڻ واري قوم بڻجي چڪا آھيون، اسين سست ۽ ڊڳل بڻيل آھيون، اسان مان جيڪي تعليم يافته آھن اھي پنهنجي قوم وارن جي سادگيءَ کان نفرت ڪندا آھن. جيڪڏهن ائين نه ھجي ته 4 کان 10 ڪلاڪن تائين سوشل ميڊيا تي ويھي ڪري وڏيون وڏيون پوسٽ لکي واھ واھ ۾ مدهوش نه بڻيل ھجون.

حقيقت اها به آھي ته اسين سنڌي دلير ۽ غيرتمند قوم آھيون، مان اپيل ٿو ڪيان ھر لکڻ جي سگھ رکندڙ سنڌي کان ته خدارہ پنهنجي قابليت صرف ووٽ جي صحيح استعمال ڪرڻ جي سکيا تي وقف ڪيو، اڄ تائين اسين ووٽ صرف ياري باشي ۽ کِلَ مزاق ۾ ڏنو آھي.اڄ اسين مڪمل تباه ٿيل، اجڙيل قوم بڻجي چڪا آھيون. سنڌ امان سان وفادار جو ھي آخري موقعو آھي، جي ھن دفعي ووٽ جو غلط استعمال ٿيو ته سنڌ امڙ يقيناً ڌارين کي گنج ڏيندي.

About Asghar Azad

Check Also

داسو هائڊور پاور ۽ سنڌو درياءَ کي ڏنل ڦاهو – اصغر آزاد

سنڌو درياءَ کي ڏنل ڦاهو–اصغر آزاد داسو ڊيم جي تجويز 2001 ۾ منظور ڪئي وئي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *