Saturday , April 20 2024

آبپاشي کاتي ۾ 50 ارب رپين جي ڪرپشن، صوبي بدر ۽ جبري موڪل

NAB logo

آبپاشي کاتي ۾ 50 ارب رپين جي ڪرپشن واري جاچ کي 19 مهينا گذرڻ باوجود جاچ رپورٽ مڪمل نه ٿي، 91 ارب رپين جي لاڳت سان 127 ڊويزنن ۾ ننڍن ڊيمن، بندن جي اسٽون پچنگ، سي سي لائينگ سميت اهم رٿائن تي خرچ ڪيل رقم جو حاصل رڪارڊ جاچ آفيسرن جي سرڪاري فائيلن ۾ آهي ۽ شروع ڪيل جاچ ۾ اڃا تائين ڪابه اڳڀرائي نه ٿي آهي. آبپاشي کاتي جي 8 ڊويزنن ۾ ترقياتي رٿائن ۾ ٿيل ڪرپشن جي جاچ اينٽي ڪرپشن جي اڳوڻي چيئرمين ممتاز شاهه ۽ ڊائريڪٽر نظر محمد بوزدار مڪمل ڪئي ۽ ان کانپوءِ جاچ ۾ ڪابه اڳڀرائي نه ٿي سگهي. ممتاز شاهه کي صوبي بدر ڪري ان جون خدمتون وفاق حوالي ڪيون ويون ۽ نظر محمد بوزدار کي جبري موڪل تي اماڻيو ويو، جيڪو گذريل 7 مهينن کان جبري موڪل تي آهي.

ذريعن کان مليل ڄاڻ موجب، ڪرپشن جي جاچ ۾ معلوم ٿيو ته آبپاشي کاتي کي مالي سال 09-2008ع کان 15-2014ع تائين 95 ارب 21 ڪروڙ رپين کان وڌيڪ فنڊ جاري ڪيا ويا. جاري ڪيل فنڊز مان 90 ارب 84 ڪروڙ 78 لک رپيا خرچ ڪيا ويا، جنهن مان 64 ارب 77 ڪروڙ رپيا صوبائي سالياني ترقياتي پروگرام جي رٿائن ۽ 30 ارب 44 ڪروڙ رپيا مرمت ۽ بحالي واري ڪم لاءِ جاري ڪيا ويا، جنهن مان صوبائي ترقياتي پروگرام جي رٿائن تي 63 ارب 97 ڪروڙ، مرمت ۽ بحالي وارين رٿائن تي 26 ارب 91 ڪروڙ رپيا خرچ ڪيا ويا، جنهن ۾ سنگين قسم جون مالي بيضابطگيون ٿيڻ جي نشاندهي ٿي آهي، اينٽي ڪرپشن کاتي پنهنجي 8 آبپاشي کاتي جي  ڊويزنن بابت تيار ڪيل رپورٽ ۾ اهو به ٻڌايو ويو آهي ته ڊرينيج ڊويزن ٺٽي جي 13 رٿائن تي لڳايل اٽڪل ساڍن 41 ڪروڙ رپين مان ساڍا 4 ڪروڙ رپين کان وڌيڪ رپين جو سرڪاري خزاني کي نقصان پهچايو ويو، جيڪو نقصان 11 سيڪڙو ٿئي ٿو، ننگر پارڪر جي ننڍن ڊيمن واريون 6 رٿائون پوڻا 47 ڪروڙ رپين کان وڌيڪ لاڳت سان شروع ٿيون، جنهن ۾ سوا 3 ڪروڙ رپين کان وڌيڪ جو سرڪاري خزاني کي نقصان پهچايو ويو، جيڪو نقصان 7 سيڪڙو ٿئي ٿو، ڪوهستان ون ۾ ننڍن ڊيمن جي 7 رٿائن تي سوا 71 ڪروڙ رپين کان وڌيڪ خرچ ٿيا، جنهن مان 7 ڪروڙ 87 لک رپيا سرڪاري خزاني کي نقصان ڏنو ويو، جيڪو نقصان 11 سيڪڙو ٿئي ٿو، ڪوهستان ٽو جي 8 رٿائن تي هڪ ارب 60 ڪروڙ رپين کان وڌيڪ فنڊ خرچ ٿيا، جنهن مان 8 ڪروڙ 10 لک رپيا سرڪاري خزاني کي نقصان ٿيو، جيڪو نقصان 5 سيڪڙو ٿئي ٿو.

آبپاشي کاتي جي 8 ڊويزنن جون 34 رٿائون اهڙيون آهن، جن تي 2 ارب 8 ڪروڙ کان وڌيڪ فنڊ خرچ ٿيا، جن رٿائن ۾ ناقص مٽيريل استعمال ڪرڻ سميت ٻيون ڪوتاهيون ڪري سرڪاري خزاني کي اٽڪل پوڻا 35 ڪروڙ رپيا نقصان پهچايو ويو، اهڙي طرح هڪ ارب 15 ڪروڙ رپين جي لاڳت سان شروع ڪيل هڪ رٿا جو ٺيڪو مهانگي اگهن تي ڏئي سرڪاري خزاني کي 25 ڪروڙ 59 لک رپين جو نقصان ڏنو ويو، خواجا مائينر جي سي سي لائيننگ 11 ڪروڙ 69 لک رپين جي لاڳت سان شروع ڪئي وئي، جنهن رٿا تي فنڊ خرچ ڪرڻ بدران رٿا ڪاغذن ۾ مڪمل ڪري ڏيکاري وئي، جوهي ڊويزن جي 34 ڪروڙ 42 لک رپين واري رٿا تي خرچ ڪيا ويا، جنهن ۾ 2 ڪروڙ رپين کان وڌيڪ جو سرڪاري خزاني کي نقصان پهچايو ويو.

دادو جي سدرن ڊويزن جي 10 رٿائن تي ساڍا 20 ڪروڙ رپيا خرچ ڪيا ويا، جنهن مان 5 ڪروڙ 68 لک رپين جو سرڪاري خزاني کي نقصان پهچايو ويو ۽ رائيس ڪئنال جي 22 رٿائن تي 22 ڪروڙ رپيا خرچ ڪيا ويا، جنهن ۾ 8 ڪروڙ 42 لک رپيا سرڪاري خزاني کي نقصان پهچايو ويو. جڏهن ته ڪل 8 ڊويزنن ۾ 103 رٿائن تي 7 ارب 32 ڪروڙ رپيا خرچ ڪيا ويا، جنهن ۾ هڪ ارب 11 ڪروڙ 97 لک رپين جو سرڪاري خزاني کي نقصان پهچايو ويو.

About Asghar Azad

Check Also

نيون تڪبنديون، سنڌ جي چئن ضلعن ۾ قومي ۽ صوبائي اسيمبلي جون4 سيٽون گهٽجي ويون

ڊجيٽل آدمشماري ۾ سنڌ جي آبادي تي هنيل ڌاڙي ۽ پيپلزپارٽي جي اقتداري لالچ جا …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *