Tuesday , April 16 2024

آبادگارن پاران ڪمند في مڻ 200 رپيا نه ملڻ جي صورت ۾ فصل ساڙڻ جو اعلان

ڪراچي(رپورٽ:اصغر آزاد   سنڌسماءَچار) سنڌ جي آبادگارن، شگرملز مالڪن ۽ سنڌ حڪومت وچ ۾ ڪمند جي في مڻ اگهه تي هن سال به تڪرار شروع ٿي ويو آهي، زراعت واري صوبائي وزير جي صدارت هيٺ ٿيل اجلاس ۾ ملز مالڪن 130 رپيا في مڻ کان رپيو به وڌيڪ نه ڏيڻ ۽ آبادگارن 200 رپين کان گهٽ نه وٺڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آحي، آبادگار اڳوڻن جو چوڻ آهي ته اسان کي اگهه صحي نه مليو ته ڪمند ساڙي ڇڏينداسين پر ملز وارن کي نه ڏينداسين. اڱري واري ڏينهن زراعت کاتي  جي صوبائي وزير اسماعيل راهو جي صدارت هيٺ شگر ڪين بورڊ جي اجلاس ۾ ڪريشنگ سيزن 30 نومبر کان شروع ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، اجلاس ۾ ڪمند جو اگهه مقرر ڪرڻ بابت ويچاريو ويو، جيڪو ڪنهن به نتيجي نڪرڻ کانسواءِ اجلاس ختم ٿي ويو. آبادگارن في مڻ اگهه 200 رپيا ڏيڻ جو مطالبو ڪيو آهي، جڏهن ته پاسما 130 رپين کان وڌيڪ هڪ ٽڪو ڏيڻ کان به انڪار ڪري ڇڏيو. ان سلسلي ۾ آبادگار اڳواڻ زاهد ڀرڳڙي ميڊيا سان ڳالهائندي چيو ته ڪمند جو في مڻ اگهه 200 رپيا مقرر  ڪيو وڃي. زاهد ڀرڳڙي جو چوڻ هو ته ڪمند ساڙي ڇڏبو پر 130رپين في مڻ قبول نه ڪنداسين، پنجاب ۾ 182رپيا في مڻ اگهه ڏنو پيو وڃي. هن چيو ته آبادگارن جا رهتن جي مد ۾ 85 ارب رپيا ادا ڪيا وڃن ۽ ڪمند جو مناسب اگهه ڏنو وڃي، ٻي صورت ۾ هو ڪمند وڪرو نه ڪندا.

About Asghar Azad

Check Also

نيون تڪبنديون، سنڌ جي چئن ضلعن ۾ قومي ۽ صوبائي اسيمبلي جون4 سيٽون گهٽجي ويون

ڊجيٽل آدمشماري ۾ سنڌ جي آبادي تي هنيل ڌاڙي ۽ پيپلزپارٽي جي اقتداري لالچ جا …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *