Saturday , April 20 2024

آبادگارن جي معاشي قتل جي قتل جي ذميوار پ پ آهي: جلال محمود شاهه

ڄامشور ( سنڌسماءَچار مانيٽرنگ ڊيسڪ) سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي سنڌي بنيادي مسئلن جي حل نه ٿيڻ، آبادگارن جي معاشي قتل ۽ سنڌ جي مجموعي تباهي جي ذميوار پيپلز پارٽي جي حڪومت ۽ ان جي قيادت آهي. ايس يو پي سربراهه سيد جلال محمود شاهه چيو آهي ته، پ پ پنهنجي 10 سالن جي اقتدار دوران سنڌ جو بنيادي انفراسٽريڪچر ترقي ڪرڻ بجاءِ تباهي جو شڪار ٿيو آهي. جنهن جو صرف ۽ صرف سبب موجودهه حڪومت جي بي ايماني ۽ نااهلي آهي. پارٽي اڳواڻن سان ملاقات بعد جاري ڪيل بيان ۾ جلال محمود شاهه وڌيڪ چيو ته سنڌ جي آبادگارن کي تباهه ڪرڻ ۾ پيپلز پارٽي سرڪار ڪا ڪسر ناهي ڇڏي. موجودهه ڪمند جي آبادگارن کي مِلن جي طرفان 182 روپيه مقرر اگهه نه ڏيڻ جو سبب موجودهه حڪومت جي مِل مافيا سان ملي ڀڳت جو نتيجو آهي . سڀني کي خبر آهي ته سنڌ اندر شگر مِل مافيا جو ڊان ڪير آهي . جنهن جي چوڻ تي شگر مِلن جي مالڪن جي من ماني هلي رهي آهي . هن وڌيڪ چيو ته وزير اعلي سنڌ ۽ سندس اطلاعات جو صلاحڪار ڪمند جي آبادگارن کي ۽ سنڌي ماڻهن کي گمهراهه ڪرڻ لاءِ اِهو ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن جهڙو سندن ڪو ڏوهه ئي نه هجي ۽ ڪمند جي بحران جو ذميوار وفاقي حڪومت ۽ پنجاب هجي . اسين سمجهون ٿا ته سنڌ سرڪار شگر مِل مافيا جي ڊان جي ڪمداري جو ڪردار ادا ڪندي ڪمند جي آبادگارن کي جائز اگهه وٺي ڏيڻ ۾ دانستا ڪوتاهي ڪرڻ جي ذميوار آهي . سندس اهڙي رَوش جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪيون ٿا ۽ گُهر ٿا ڪريون ته بنا دير جي شگر مِل مالڪان کان مِلون هلرائي آبادگارن کي سندن جائز حق وٺي ڏنو وڃي.

About Asghar Azad

Check Also

نيون تڪبنديون، سنڌ جي چئن ضلعن ۾ قومي ۽ صوبائي اسيمبلي جون4 سيٽون گهٽجي ويون

ڊجيٽل آدمشماري ۾ سنڌ جي آبادي تي هنيل ڌاڙي ۽ پيپلزپارٽي جي اقتداري لالچ جا …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *