Wednesday , April 17 2024

آئيلينڊ اٿارٽي جو چيئرمين مقرر، وڏو وزير مراد علي شاهه باخبر هئڻ باوجود خاموش

وفاقي حڪومت جي هٺ ڌرمي، سنڌ حڪومت جي لاپرواهي عمر حميد آئيلنڊ اٿارٽي جو چيئرمين مقرر

اسلام آباد ڪراچي ( خاص نمائندو / اصغر آزاد  سنڌسماءَچار) پي ٽي آءِ جي وفاقي حڪومت هٺ ڌرمي جو مظاهرو ڪندي پاڪستان آئيلينڊ ڊيولپمينٽ اٿارٽي جو چيئرمين مقرر مقرر ڪري ڇڏيو آهي، سنڌ حڪومت جي ذريعن جو چوڻ آهي ته وزيراعظم عمران خان 7 آڪٽوبر تي اسلام آباد ۾ هڪ گڏجاڻي دوران وڏي وزير مراد علي شاهه کي عمران حميد جي چيئرمين طور مقرري بابت ٻڌائي ڇڏيو هو. وفاقي حڪومت سنڌ جي ٻيٽن خاص طور تي بُنڊار ٻيٽ تي نئون شهر اڏڻ لاءِ جوڙيل پاڪستان آئيلينڊ ڊولپمينٽ اٿارٽي جوڙڻ کانپوءِ ڳجهه ڳوهه ۾ اٿارٽي جو چيئرمين به مقرر ڪري ڇڏيو آهي. عمران حميد کي چيئرمين مقرر ڪرڻ جي سنڌ جي گورنر عمران اسماعيل به تصديق ڪري ڇڏي آهي. ان سلسلي ۾ سنڌسماءَچار کي سنڌ حڪومت جي ذريعن کان  مليل ڄاڻ مطابق، 7 آڪٽوبر تي سنڌ جو وڏو وزير وزيراعظم جي دعوت تي اسلام آباد ۾ ملڪ اندر اسپيشل ايڪانامڪ زون قائم ڪرڻ بابت اجلاس ۾ شرڪت ڪئي هئي؛ ذريعن موجب وڏي وزير مراد علي شاهه اجلاس کان اڳ وزيراعظم عمران خان سان نويڪلائي ۾ ملاقات ڪئي هئي، جنهن دوران ٻيٽن واري معاملي تي ڳالهه ٻولهه ٿي هئي، ذريعن جي دعويٰ موجب وزيراعظم عمران خان، سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه کي، آئيلينڊ اٿارٽي جي چيئرمين مقرر ڪرڻ بابت آگاهي ڏني هئي. ان سلسلي ۾ اسلام آباد ۾ موجود سنڌ حڪومت جي هڪ اهم ڪاموري رابطي ڪرڻ تي ٻڌايو ته، ٻيٽن جي معاملي تي وزيراعظم عمران ۽ سنڌ جو وڏو وزير مراد علي شاهه هڪٻئي سان رابطن ۾ رهيا آهن. جنهن ڏينهن پاڪستان آئيلينڊ ڊيولپمينٽ اٿارٽي (پي آءِ ڊي اي ) قائم ڪرڻ جو صدارتي آرڊيننس جاري ڪيو ويو هو ان کان ٻه ڏينهن پهريان به وزيراعظم هائو ۽ ايوان صدر جو وڏي وزير مراد علي شاهه سان رابطو ٿيو هو، ذريعن اها به دعويٰ ڪئي آهي ته صدارتي آرڊيننس جي هڪ ڪاپي به وڏي وزير کي مهيا ڪئي وئي هئي.

تبديلي سرڪار جو حڪم، عوام کان اضافي 12 ارب رپيا اوڳاڙڻ جو حڪم

About Asghar Azad

Check Also

نيون تڪبنديون، سنڌ جي چئن ضلعن ۾ قومي ۽ صوبائي اسيمبلي جون4 سيٽون گهٽجي ويون

ڊجيٽل آدمشماري ۾ سنڌ جي آبادي تي هنيل ڌاڙي ۽ پيپلزپارٽي جي اقتداري لالچ جا …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *