Friday , March 29 2024

آءِ جي پنجاب جي بدلي واري معاملي تي حڪومت ۽ اليڪشن ڪميشن آمهون سامهون

لاهور/اسلام آباد(سنڌسماءَچار مانيٽرنگ ڊيسڪ) وفاقي حڪومت آءِ جي امجد جاويد سليمي جي مقرري ۽ راءِ طاهر خان جي بدلي واري معاملي تي اليڪشڻ ڪميشن پاران ورتل نوٽيس جي معاملي تي صوبائي حڪومت ۽ اليڪشن ڪميشن آمهون سامهون اچي ويا آهن. وفاقي سرڪار آءِ جي پنجاب جي بدلي واري فيصلي تي قائم، اليڪشن ڪميشن پاران آءِ جي طاهر خان جي بدلي ۽ احمد جاويد سليمي جي مقرري رد ڪرڻ واري نوٽيفڪيشن تي عمل نه ٿيو، اسٽيبلشمينٽ ڊويزن نوٽيفڪيشن واپس وٺڻ لاءِ اليڪشن ڪميشن کي خط لکي ڇڏيو، وفاقي وزير فواد چوڌري چيو آهي ته وزيراعظم آءِ جي طاهر خان کي ماڊل ٽائون سانحي جي اڻ ڌري جاچ ڪرائڻ جو حڪم ڏنو هو، پر هن 10 ڏينهن دوران ڪا اڳڀرائي نه ڪئي. اسٽيبلشمنٽ ڊويزن آءِ جي پنجاب جي بدلي واري نوٽيفڪيشن کي معطل ڪرڻ جو حڪم واپس وٺڻ لاءِ اليڪشن ڪميشن کي خط لکي ڇڏيو. خط ۾ چيو ويو آهي ته اليڪشن ڪميشن جو 3 سيپٽمبر وارو حڪم صوبي جي پوليس چيف جي بدلي ۾ ڪا رنڊڪ نه آهي، آءِ جي پنجاب جي بدلي صوبي جي مشاورت سان طريقيڪار موجب ڪئي وئي. گذريل ڏينهن وفاقي حڪومت آءِ جي پنجاب طاهر خان کي اوچتو عهدي تان هٽائي سندس جاءِ تي اڳوڻي آءِ جي سنڌ امجد جاويد  سليمي کي مقرر ڪيو هو، ڪجهه ڪلاڪن کانپوءِ اليڪشن ڪميشن آءِ جي پنجاب جي مقرري وارو حڪومتي نوٽيفڪيشن معطل ڪري ڇڏيو هو.  اسٽيبلشمنٽ ڊويزن آءِ جي پنجاب جي بدلي وارو حڪومتي نوٽيفڪيشن کي معطل ڪرڻ جو حڪم واپس وٺڻ لاءِ اليڪشن ڪميشن کي خط لکي ڇڏيو آهي.  خط ۾ چيو ويو آهي ته اليڪشن ڪميشن جو 3 سيپٽمبر وارو حڪم صوبي جي پوليس جي چيف کي تبديل ڪرڻ ۾ ڪا رنڊڪ نه آهي، ضمني اليڪشن سبب ضلعي ۾ مقررين ۽ بدلين کان اليڪشن ڪميشن روڪيو هو. جڏهن ته آءِ جي پنجاب جي بدلي صوبي جي مشاورت سان طريقيڪار موجب ڪئي وئي. واضح رهي ته اليڪشن ڪميشن طرفان ننڍي چونڊ دوران آءِ جي پنجاب جي بدلي کي حڪمن جي ڀڃڪڙي قرار ڏني هئي.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *