Saturday , April 20 2024

آءِ جي سنڌ 20/21 هين گريڊ جو آفيسر آهي، جڏهن چاهيان کيس گهرائي سگهان ٿو، ماتحت آفيسر جي بيانن جي وضاحت مونکي نه ٿي سونهين: سهيل انور سيال

DIG letterHome minister meeting01

سنڌ جي گهرو وزير جي صدارت هيٺ رمضان المبارڪ دوران امن امان بابت اجلاس ۾ آءِ جي سنڌ شريڪ نه ٿيو، گهرو وزير سهيل انور سيال چيو آهي ته، جن آفيسرز کي گڏجاڻي ۾ گهرايو هو اُهي شريڪ ٿيا آهن. آءِ جي سنڌ منهنجي ماتحت آفيسر آهي، جيڪڏهن کيس ٻاهر وڃڻو هوندو ته هن گهرو کاتي جي سيڪريٽري کي ضرور ٻڌايو هوندو.

گهرو کاتي جي وزير سهيل انور سيال جي صدارت هيٺ سندس آفيس ۾ اجلاس ٿيو، جنهن ۾ ايڊيشنل آءِ جي ٽريفڪ، سي ٽي ڊي، اسپيشل برانچ، ڊي آءِ جي حيدرآباد، شهيد بينظير آباد ۽ لاڙڪاڻي جي ڊي آءِ جيز شرڪت ڪئي.

گهرو وزير جي جي ترجمان پاران ميڊيا جي نمائندن کي جاري ڪيل بيان ۾ ڪٿي اهڙُ ذڪر ٿيل نه آهي ته گڏجاڻي ۾ ڊي آءِ جي سکر، ڊي آءِ جي ميرپور خاص شريڪ ٿيا يا نه ٿيا، انهن کي اجلاس ۾ شرڪت بابت ٻڌايو به ويو هيو يا نه.

اجلاس دوران گهرو کاتي جي وزير سهيل انور سيال ڊي  آءِ جيز کي هدايت ڪئي ته ڊويزنل ڪمشنرز کي خط لکي چيو وڃي ته، رمضان مهيني دوران بهتر انتظام ڪيا وڃن. صوبائي گهرو وزير سهيل انو سيال جو چوڻ آهي ته 20 يا 21 گريڊ جي آفيسر ماتحت آفيسرن کي سندس اجلاس ۾ ڪيئن ۽ ڇو روڪيو، ان بابت کيس ڪا به ڄاڻ نه آهي. مان وزير آهيان ۽ هڪ 20 هين گريڊ جي آفيسر پاران لکيل ڪنهن ليٽر جو جواب ڏيندو وتان اهو مناسب ناهي. اي ڊي خواجا جي آءِ جي سنڌ مقرر ٿيڻ کان اڳ ۾ ئي ڪراچي ۾ امن امان قائم ٿي چڪو هو، سنڌ پوليس ۾ شفاف ۽ ميرٽ تي ڀرتين جو فيصلو ڪنهن آفيسر جو نه پر ان جو فيصلو ته ايپيڪس ڪميٽي ۾ ڪيو ويو هو، ان وقت مان گهرو کاتي جو ئي وزير هيس.

IG sindhHome minister meeting03

ياد رهي ته سنڌ حڪومت پاران آءِ جي سنڌ اي ڊي خواجا جون خدمتون وفاقي سرڪار جي حوالي ڪرڻ بعد آءِ جي جي بدلي خلاف سنڌ هاءِ ڪورٽ پاران سندس بدلي روڪڻ لاءِ جاري ڪيل منع نامي وارو مامرو هڪ پاسي نه ٿيو هو ته، آءِ جي سنڌ ۽ سنڌ سرڪار هڪ ڀيرو وري آمهون سامهون ٿي ويا آهن. گهرو وزير سهيل انور سيال پوليس آفيسرز جي سڏايل گڏجاڻي ۾ آءِ جي سنڌ کي دعوت ئي ناهي ڏني. آءِ جي سنڌ جو چوڻ آهي ته هُن ڪنهن آفيسر کي گهرو وزير جي گڏجاڻي ۾ وڃڻ کان ناهي روڪيو.

ايڊيشنل آءِ جي خادم حسين ڀٽي ڪار جي اختيارين وچ ۾ هڪ نئو ڦڏو وجهي ڇڏيو آهي. اي آءِ جي خادم ڀٽي پاران آءِ جي کي لکيل هڪ خط ۾ چيو ويو آهي ته، “ اوهان جي پرائيويٽ سيڪريٽري محمد ابراهيم پاران فون تي اطلاع ڏنو ويو، جنهن ۾ هُن اوهان جو زباني حڪم ڏنو ته، ڪو به پوليس آفيسر، صوبائي گهرو وزير پاران سڏايل ڪنهن به اجلاس ۾ منهنجي/آءِ جي جي اجازت کانسواءِ شرڪت نه ڪري. خط ۾ چيو ويو آهي ته، گهرو وزير 25 مئي خميس ڏينهن صبح جو 11 وڳي پنهنجي آفيس ۾ سنڌ پوليس جي آفيسرز جو هڪ اهم اجلاس سڏايو آهي، جنهن جو مون کي/ (اي آءِ جي خادم ڀٽي ) کي به اطلاع ڪيو ويو آهي”. آءِ جي کي لکيل خط ۾ ايڊيشنل آءِ جي خادم ڀٽي آءِ جي سنڌ کان اجازت گهري آهي ته، کيس گهرو وزير جي سڏايل اجلاس ۾ شرڪت جي اجازت ڏني وڃي.

ايڊيشنل آءِ جي خادم حسين ڀٽي جي اهڙي خط جي منظر تي اچڻ بعد، آءِ جي سنڌ اي ڊي خواجا ۽ سنڌ حڪومت وچ ۾ اڳ ئي هلندڙ تڪرار ٿڌو ٿيڻ بدران وڌي ويو آهي.  خادم ڀٽي جي اهڙي خط واري خبر ميڊيا تي اچڻ بعد آءِ جي سنڌ پاران هڪ وضاحت ڪئي وئي آهي ته، “ مان ڪنهن به آفيسر کي گهرو وزير جي سڏايل گڏجاڻي ۾ شرڪت کان ناهي روڪيو، پر اهڙو حڪم سنڌ جي وڏي وزير پاران جاري ڪيو ويو هو. آءِ جي سنڌ جي وضاحت موجب، وڏي وزير هڪ حڪم ۾ چيو هو ته، ڪو به پوليس آفيسر سندس اجازت يا اطلاع ڏيڻ کانسواءِ پنهنجي اسٽيشن/ آفيس/علائقو نه ڇڏي. اي ڊي خواجا ان ڳالھ جي به وضاحت ڪئي آهي ته هن ڪنهن به پوليس آفيسر کي گهرو وزير جي 25 مئي وپاري اجلاس ۾ شرڪت ڪان ناهي روڪيو. ان سلسلي ۾ معلوم ٿيو آهي ته، گهرو وزير سهيل انور سيال اڄ 25 مئي تي جمعي ڏينهن پنهنجي آفيس ۾ سڏايل پوليس آفيسرز جي هڪ گڏجاڻي ۾ آءِ جي سنڌ اي ڊي خواجا کي شرڪت جي دعوت ناهي ڏني.

About Asghar Azad

Check Also

نيون تڪبنديون، سنڌ جي چئن ضلعن ۾ قومي ۽ صوبائي اسيمبلي جون4 سيٽون گهٽجي ويون

ڊجيٽل آدمشماري ۾ سنڌ جي آبادي تي هنيل ڌاڙي ۽ پيپلزپارٽي جي اقتداري لالچ جا …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *