Friday , March 29 2024

آءِ جي سنڌ ۽ سنڌ حڪومت جا اختلاف، سنڌ سرڪار هڪ قدم پوئتي هٽي وئي

CM in SAIG sindh

سنڌ سرڪار ۽ آءِ جي سنڌ اي ڊي خواجا وچ ۾ هلندڙ اختلافن جيئن جو تيئن برقرار آهن پر، سنڌ حڪومت هڪ قدم پوئتي هٽي وئي آهي. گذريل اڱاري واري ڏينهن ڪوآرڊينيشن اينڊ امپليمينٽيشن کاتي جي ڊپٽي سيڪريٽري پاران جاري ڪيل نوٽيفڪيشن ۾، واضع طور تي چيو ويو هو ته، سمورا ڊي آءِ جيز ۽ ايس ايس پيز هيڊڪوارٽر ڇڏڻ کان اڳ آءِ جي کان اجازت وٺڻ بدران سي ايم هائوس  ۽ چيف سيڪريٽري کان اجازت وٺندا. ان نوٽيفڪيشن ۾ سمورن ڪمشنرز ۽ ڊي سيز کي به ساڳئي نموني هدايت ڪئي وئي هئي.

سنڌ سرڪار اربع ڏينهن پنهنجو پهريون نوٽيفڪيشن هڪ ڀيرو وري  تبديل ڪري ڇڏيو آهي، نئي جاري ڪيل نوٽيفڪيشن ۾ ڪمشنرز ۽ ڊي سيز کي ته اهڙي پابندي کان آجو قرار ڏنو ويو آهي پر سمورن ڊي آءِ جيز ۽ ايس ايس پيز لاءِ وري نئيون هدايتون جاري ڪيون ويون آهن. نئين نوٽيفڪيشن مطابق، هاڻي سمورا ڊي آءِ جيز ۽ ايس ايس پيز پوليس کاتي ۾ موڪلن وٺڻ يا اسٽيشن / هيڊڪوارٽر ڇڏڻ بابت مروج قائدن ۽ ضابطن تحت ئي عمل ڪندا.

اڱاري تي جاري ڪيل نوٽيفڪيشنIG notifcation

وزير اعليٰ هائوس جي ڊپٽي سيڪريٽري امپليمينٽيشن ۽ ڪوآرڊينيشن  محمد اسلم سومري جي صحيح سان جاري ڪيل نئي نوٽيفڪيشن مطابق هاڻي سي ايم هائيس ۽ چيف سيڪريٽري کي موڪل وٺڻ يا اسٽيشن / هيڊڪوارٽر ڇڏڻ بابت اطلاع ڪندا.

ياد رهي ته اڱاري واري ڏينهن، جاري ڪيل نوٽيفڪيشن ۾ ڊپٽي سيڪريٽري امپليمينٽيشن اينڊ ڪوآرڊينيشن پاران جاري ڪيل نوٽيفڪيشن ۾ ڊي آءِ جيز ۽ ايس ايس پيز سميت ٻين آفيسرن کي پنهنجي آفيس مان ڪنهن به ٻي پاسي وڃڻ لاءِ سي ايم هائوس کي اطلاع ڪري چيف سيڪريٽري کان اجازت وٺڻ جو پابند بڻايو ويوهو.

letter policeاربع تي جاري ڪيل نوٽيفڪيشن

جاري ڪيل نوٽيفڪيشنNO.SO(C-III)/CMS/CMD-26(CM Directive)2017-date 30 May 2017 ۾ چيو ويوهو ته، ڪو به ڪمشنر، ڊي سي، ڊي آءِ جي ۽ ايس ايس پي لاڳاپيل هيڊيڪوارٽر/آفيس/اسٽيشن وڏي وزير کي ٻڌائڻ کان سواءِ نه ڇڏي سگهندو.

ڊپٽي سيڪريٽري امپليمينٽيشن اينڊ ڪوآرڊينيشن جي صحيح سان جاري ڪيل نوٽيفڪيشن ۾ اهو به پڻ چيو ويو هو ته، ڄاڻايل آفيسرز مان ڪو به آفيسر هيڊڪوارٽر ڇڏڻ کان اڳ سي ايم هائوس ۽ چيف سيڪريٽري کي لازمي طور تي ڄاڻ ڏئي اجازت وٺندو، اهڙي اجازت وٺڻ کان سواءِ ڪو به آفيسر، هيڊڪوارٽر/لاڳاپيل آفيس نه ڇڏي سگهندو.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *