Friday , April 19 2024

آءِ جي سنڌ مشتاق مهر جي شڪي اغوا وارو معاملو؛ آءِ ايس آءِ ۽ سنڌ رينجرز جي لاڳاپيل عملدارن کي عهدن تان هٽايو ويو

آءِ جي سنڌ جي شڪايت بابت آرمي چيف جي حڪم تي ڪورٽ آف انڪوائري مڪمل،ڪورٽ آف انڪوائري جي سفارشن تي آءِ ايس آءِ ۽ سنڌ رينجرز جي لاڳاپيل آفيسرز کان ذميواريون واپس

راولپنڊي (مانيٽرنگ ڊيسڪ     سنڌسماءَچار) آءِ جي سنڌ جي شڪايت بابت آرمي چيف جي حڪم تي ڪورٽ آف انڪوائري مڪمل،ڪورٽ آف انڪوائري جي سفارشن تي آءِ ايس آءِ ۽ سنڌ رينجرز جي لاڳاپيل آفيسرز کي سندن ذميوارين تان هٽايو ويو، آءِ ايس پي آر موجب انڪوائري رپورٽ مطابق 18 ۽ 19 آڪٽوبر واري رات مزار قائد ۾ پيش آيل واقعي تي آفيسرز ذاتي جذبات ۾ ردعمل جو اظهار ڪيو، ضابطن جي خلاف ورزي تي انهن آفيسرز خلاف ڪارروائي جي ايڇ ڪيو ۽ لاڳاپيل ادارن ۾ ڪئي ويندي، کين واقعي تي صبر جو مظاهرو ڪرڻ گهرجي ها، قانون مطابق مزار قائد واقعي تي ڪارروائي کي يقيني بڻائڻ لاءِ عوامي دٻاءُ وڌي رهيو هو ۽ پوليس روايتي سُسِتي ڪري رهي هئي.

پاڪ فوج جي ترجمان اداري آءِ ايس پي آر پاران جاري ڪيل پڌرائي موجب، آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا جي هدايت تي جوڙيل ڪورٽ آف انڪوائري جاچ مڪمل ڪري ڇڏي آهي، رپورٽ موجب سنڌ رينجرز ۽ آءِ ايس آءِ ڪراچي جا آفيسر قائداعظم جي مزار جي بي حرمتي جي نتيجي ۾ سخت عوامي ردعمل سان پيدا ٿيل صورتحال کي منهن ڏيڻ ۾ مصروف هئا، آفيسرن تي قائداعظم جي مزار جي بي حرمتي تي قانون موجب وقت سر ڪارروائي لاءِ سخت دٻاءُ هو. آءِ ايس پي آر جي پڌرائي ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته، لاڳاپيل آفيسرن سخت عوامي ردعمل ۽ تيزي سان تبديل ٿيندڙ ڇڪتاڻ واري صورتحال کي ڏسندي سنڌ پوليس جي عمل کي پنهنجي سمجهه ۾ ناڪافي ۽ سستي جو شڪار محسوس ڪيو ۽ ڇڪتاڻ جي صورتحال تي ضابطي لاءِ پنهنجي حيثيت ۾ جذباني ردعمل جو مظاهرو ڪيو، آفيسرن کي اهڙي صورتحال کان پاسو ڪري، صبر ۽ تحمل جو مظاهرو ڪرڻ گهرجي ها، ڇو ته سندن اهڙي عمل سان رياست جي ٻن ادارن ۾ غلط فهميون پيدا ٿيون. ڪورٽ آف انڪوائري جي سفارشن جي روشني ۾ لاڳاپيل آفيسرن کي پنهنجي موجوده ذميوارين تان هٽايو ويو آهي، جڏهن ته ضابطن جي ڀڃڪڙي تي انهن آفيسرن خلاف ڪارروائي جي ايڇ ڪيو ۾ عمل ۾ آندي ويندي. ياد هجي ته قائداعظم جي مزار تي نعريبازي تي ن ليگ اڳواڻ ڪيپٽن (ر) صفدر کي 19 آڪٽوبر تي ڪراچي جي هڪ نجي هوٽل مان گرفتار ڪيو ويو هو ۽ سندس گرفتاري لاءِ آءِ جي سنڌ تي دٻاءَ جون خبرون سامهون آيون هيون.

واقعي کانپوءِ آءِ جي سنڌ سميت صوبي جي سمورن اعليٰ آفيسرن احتجاجي طور موڪلن تي وڃڻ جو فيصلو ڪيو، جڏهن ته پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري به ان حوالي سان خدشن جو اظهار ڪندي آرمي چيف کي نوٽيس وٺڻ جي اپيل ڪئي هئي ۽ آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا واقعي تي بلاول ڀٽو زرداري کي ٽيليفون ڪري جاچ جي خاطري ڪرائي هئي.

لمس ڄامشورو جي پرو وي سي يونيورسٽي ۾ بادشاهي قائم ڪري ورتي،17 کان وڌيڪ مختلف شعبن جو انچارج بڻيل

پيپلز پارٽي سنڌ جي صدر نثار کهڙي تي به مني لانڊرنگ جو الزام

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ سوال ڪري ٿي!! سنڌسماءَچار اليڪشن سيل2024

سنڌ سوال ڪري ٿي!! سنڌسماءَچار اليڪشن سيل2024 سنڌ تي بنا ساهي جي وڏي اڪثريت سان …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *