Friday , March 29 2024

آءِ جي سنڌ جي تبديلي وارن ڪوششن کانپوءِ سنڌ سرڪار وفاق ۾ نئون ڦڏو شروع

ڪراچي( رپورٽر سنڌ سماءَ چار) وفاقي ۾ سنڌ سرڪار وچ ۾، آءِ جي سنڌ اي ڊي خواجا جي تبديلي ۽ مجيد دستي جي نئين آءِ جي طور مقرري وارو معاملو نبريو ئي ناهي ته ته سنڌ سرڪار ۽ وفاقي سرڪار ۾ نئون ڦڏو شروع  ٿي ويو آهي. نئون تڪرار به پوليس آفيسرز جي ئي آهي. وڏي وزير سيد مراد علي شاهه، سنڌ پوليس جي ٽن ايس ايس پيز کي ايف آئي اي وڃڻ کان روڪي ڇڏيو،اسٽيبلشمنٽ ڊويزن، سنڌ حڪومت جي اجازت کانسواءِ آفيسرن جون خدمتون ايف آئي اي جي حوالي ڪيئن ڪيون؟ وڏي وزير ايس ايس پي يونس چانڊيو جي سمري تي اعتراض لکي ڇڏيا.

وفاق پنهنجي مرضي سان سنڌ جي معاملن ۾ هٿ چراند ڪرڻ وارو ڪم نه ڇڏيو.سنڌ جو چوڻ آهي ته وفاق پنهنجي مرضي سان پوليس جي سينئرآفيسرن جون خدمتون ايف آئي اي جي حوالي ڪرڻ گهري ٿو.سنڌ حڪومت ٽن ايس ايس پيز جون خدمتون وفاق حوالي ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي. وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو ته اسٽيبلشمنٽ ڊويزن  سنڌ حڪومت  جي اجازت کانسواءِ  آفيسرن جون خدمتون ايف آئي اي جي حوالي ڇو ڪيون؟ وڏي وزير ايس ايس پي يونس چانڊيو جي سمري تي اعتراض واري  ڇڏيا آهن. ڪجهه ڏينهن اڳ  اسٽيبلشمنٽ ڊويزن ايس ايس پي ويسٽ يونس چانڊيو،ايس ايس پي  فارينزڪ فيض الله ڪوريجو ۽ ايس پي انويسٽيگيشن ذوالفقار مهر کي ايف آئي اي رپورٽ ڪرڻ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو هو.ذريعن مطابق جڏهن ايس ايس پي يونس چانڊيو ايف ائي اي جي ڊائريڪٽر وٽ  جوائننگ ڏيڻ لاءِ پهتو ته کيس خبر پئي ته ان جي سمري تي وڏي وزير اعتراض ڪيا آهن…

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *