Saturday , April 20 2024

آءِ جي سنڌ آبادگارن ۽ استادن تي پوليس جي ڪيل تشدد تي معافي گهر ورتي

دادو (خاص نمائندو سنڌسماءَچار) آئي جي سنڌ الهڏنو خواجا ڪراچي ۾ استادن تي پوليس جي ڪيل لٺبازي تي معافي وٺندي چيو آهي ته، ريڊ زون ۾ استادن ۽ آبادگارن جي پوليس رويي تي دل آزاري ٿي آهي ته معافي وٺان ٿو. اي ڊي خواجه دادو ۾ پوليس جي هڪ تقريب کي خطاب ۽ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته منهنجا سنڌ حڪومت سان ڪي به اختلاف نه آهن. اهو حڪومت جو اختيار آهي ته ڪنهن کي آئي جي مقرر ڪري ٿي. وفاقي حڪومت ۽ صوبائي حڪومت گڏجي جيڪو فيصلو ڪن ٿا اهو سرڪاري ملازم کي قابل قبول هجڻ کپي. هن چيو ته ريڊ زون ۾ پوليس مظاهرين کي روڪڻ تي مجبور ٿيندي آهي ، استاد هن ملڪ ۽ سماج جو سڀ کان معزز طaبقو آهن اهي پنهنجي ڪردار کي اهڙو بڻائن جئين قوم انهن تي فخر ڪري ، هن چيو ته استاد ۽ آبادگار ريڊ زون ۾ احتجاج نه ڪن کين پوليس ڪجهه نه چوندي ريڊ زون پوليس جو نه پر سنڌ حڪومت جو تعين ڪيل آهي .

اي ڊي خواجه چيو ته سندس دئور ۾ پوليس اندر ڪا به سياسي مداخلت نه آهي،  هن هڪ سوال جي جواب ۾ چيو ته ٿاڻا ڪلچر هڪ ڏينهن هفتي جا مهيني ۾ ٺيڪ نه ٿيندو اڻ لاءِ وقت لڳندو جنهن لاءِ ميرٽ تي ڀرتيون، گورننس جي شديد ضرورت آهي. سندس چوڻ هو ته پوليس جو نظام عوام جي تعاون کانسواء نه ٿو هلي سگهي پوليس ۽ عوام ۾ ويڇا ختم ڪرڻ لاء سي پي ايل سي جو قيام عمل ۾ آندو ويو سنڌ جي ٻين ضلعن ۾ ننڍا ننڍا مسئلا جيڪي سالن تائين عدالتن ۾ ٻڌڻي هيٺ رهن ٿا اهي سي پي ايل سي ۾ حل ڪرڻ لاءِ سي پي ايل سي ٽيمون جوڙيون وينديون. هن اڳوڻي ايس ايس پي دادو شبير سيٺار جي سي پي ايل سي جي قيام جي ساراهه ڪندي چيو ته سي پي ايل سي هڪ سال جي مختصر وقت ۾ 750 ننڍا ننڍا اختلاف بنا ڪيس داخل ڪرڻ جي حل ڪرائي ماڻهن کي کير کنڊ ڪيو. آئي جي سنڌ جو چوڻ هو ته مال جي ڀيل تي 100 ماڻهون مارجي وڃن ٿا اسان کي ننڍن اختلافن کي وساري سنڌ جي ماڻهن کي سنڌ جي مجموعي ترقي لاء ڪم ڪرڻو پوندو. هن چيو ته پوليس ۾ نوڪري ميرٽ تي ملندي.

 

About Asghar Azad

Check Also

نيون تڪبنديون، سنڌ جي چئن ضلعن ۾ قومي ۽ صوبائي اسيمبلي جون4 سيٽون گهٽجي ويون

ڊجيٽل آدمشماري ۾ سنڌ جي آبادي تي هنيل ڌاڙي ۽ پيپلزپارٽي جي اقتداري لالچ جا …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *