Saturday , April 20 2024

آءِ ايم ايف سان معاهدو، ڪامورن ۽ سندن گهر ڀاتين لاءِ پريشانيون وڌي ويون

ڪراچي ( مانيٽرنگ ڊيسڪ سنڌسماءَچار) وفاقي حڪومت پاران قرض حاصل ڪرڻ آءِ ايم ايف جا شرط قبول ڪرڻ شروع ڪري ڇڏيا آهن، شرط قبول ڪرڻ سان مراعت يافتا ڪامورا شاهي لاءِ پريشانيون وڌي ويون آهن، حڪومت 17هين کان 22هين گريڊ تائين جَي ڪامورن ۽ سندن گهرڀاتين جِي ملڪيتن جا تفصيل جمع ڪرائڻ لازمي قرار ڏئي ڇڏيو آهي. وفاقي حڪومت پاران جاري ڪيل هڪ نوٽيفڪيشن ۾ چيو ويو آهي ته 17 هين کان 22 هين گريڊ جا سمورا آفيسر پنهنجي سمورين ملڪيتن جا تفصيل جمع ڪرائڻ جا پابند هوندا. ڪامورن کي ملڪ اندر توڙي پرڏيهه ۾ موجود ملڪيتين، بئنڪ اڪائونٽس جا تفصيل به جمع ڪرائڻ لازمي هوندو. ڪامورن کي بئنڪ اڪائونٽس، ملڪ اندر توڙي پرڏيهه ۾ ملڪيتن جا تفصيل جمع ڪرائڻا پوندا. سترهين کان ٻاويهين گريڊ جي سم،ورن آفيسرز کي مني لانڊرنگ مان به ڪليئرنس وٺڻ لازمي هوندو.

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ سوال ڪري ٿي!! سنڌسماءَچار اليڪشن سيل2024

سنڌ سوال ڪري ٿي!! سنڌسماءَچار اليڪشن سيل2024 سنڌ تي بنا ساهي جي وڏي اڪثريت سان …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *