Friday , March 29 2024

آءِ ايم ايف تحريڪ انصاف معرف بجيٽ پيش ڪئي، منظور ٿيڻ نه ڏينداسين: پ پ پ چيئرمين

لاهور (سنڌسماءَچار   مانيٽرنگ ڊيسڪ) پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته، انٽر نيشنل مانيٽرنگ فنڊ (آءِ ايم ايف) پي ٽي آءِ جي حوڪمت مرفت وفاقي بجيٽ پيش ڪرائي آهي جنهن کي منظور ٿيڻ کان روڪڻو پوندو، اپوزيشن بجيٽ منظور ٿيڻ نه ڏيندي، جميڪڏهن بجيٽ منظور ٿي به وئي ته پيپلز پارٽي ان خلاف رستن تي نڪرندي. لاهور ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي بلاول ڀٽو چيو ته ڀلي سموري خاندان ۽ سموري قيادت کي جيل موڪليو وڃي، پيپلز پارٽي 18هين ترميم ۽ گُم ٿيل ماڻهن جي موقف تان هٿ نه کڻندي، پنهنجي اصولن ۽ نظرين تي ڪڏهن به سوديبازي نه ڪنداسين. هن چيو ته وفاق صوبن جي حقن تي ڌاڙا هڻي رهيو آهي، جنهن کي هٿ ملائڻ نٿو اچي، اُهو پنجاب حڪومت ڪيئن هلائيندو، پنجاب جو هاري، پورهيت ۽ پينشنرن حڪومت جي نااهلي توڙي نالائقين جو بار کڻندو. پ پ چيئرمين جو چوڻ هو ته عمران خان سموري ملڪ جي ماڻهن کان معاشي خودڪشي ڪرائي رهيو آهي، جنهن جي بجيٽ پيش ٿي، اُن ڏينهن پاڪستان جي معاشي خودڪشي ٿي وئي. هن چيو ته پيپلز پارٽي معاشي دهشتگردي کي ڪڏهن به برداشت نه ڪندي.

اسان پهرين به جيل جون سختيون ڏٺيون ۽ شهادتون قبول ڪيون. هن چيو ته سڀني کي گڏجي پي ٽي آءِ ايم ايف جي بجيٽ کي منظور ٿيڻ کان روڪڻو پوندو ۽ پاڪستان کي معاشي خودڪشي کان بچائڻو پوندو، سڀني کي گڏجي ملڪي مسئلن جو حل ڪڍڻو پوندو ۽ اسان اُنهن سان ڳالهيون ڪنداسين، جيڪي مسئلا حل ڪرڻ ۾ سنجيده آهن. جيڪڏهن عوام دشمن بجيٽ منظور ٿي ته پيپلز پارٽي رستن تي نڪري ايندي. بلاول چيو ته ملڪي مفاد ۽ قومي معاملن ۾ حڪومت سان گڏجي ڪم ڪرڻ لاءِ تيار آهيون، پر پي ٽي آءِ جا حڪمران اڃا تائين پاڻ کي ڪنٽينر ۾ سجهن ٿا، سنجيده ناهن. هن چيو ته حڪومت جو دٻاءُ رڳو سياسي جماعتن تائين محدود ناهي، سازش تحت ادارن تي حملا ڪيا پيا وڃن. هڪ سوال جي جواب ۾ بلاول ڀٽو مريم نواز ساڻس فون تي رابطو ڪري سڀاڻي لنچ تي گهرايو آهي، هُن سندس دعوت قبول ڪئي ۽ هو سڀاڻي رائيونڊ ويندو.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *