Thursday , March 28 2024

ڳرا ٿيلها ٻارڙن ۾ ڪلهي جو سُور/ مرض ۾ خطرناڪ حد تائين وڌڻ جو ڪارڻ بڻجڻ لڳو

 

ڪراچي (رپورٽر سنڌسماءَچار) اسڪولي ٻارڙن ۾ ڪتابن جي وزن/ڳرن ڪتابي ٿيلهن جي نتيجي ۾ ڪُلهن جي سُور جون شڪايتون خطرناڪ حد تائي وڌي ويون آهن، ڪراچي عباسي شهيد اسپتال جي ڊپٽي ميڊيڪيل سپرينٽينڊنٽ /ڊي ايم ايس اهڙي مرض جي نشاندهي ڪري تعليمي ماهرن ۽ سنڌ حڪومت کي اهو مسئلو حل ڪرڻ لاءِ خط لکي ڇڏيو آهي، جنهن تي اڃا تائين تعليم کاتي سميت ڪنهن به لاڳاپيل اختياري نوٽيس ناهي ورتو. ڊي ايم ايس ڊاڪٽر نعمان ناصر، تعليم کاتي جي سيڪيريٽري ۽ ڪراچي جي اسڪولن جي انتظاميا/ اختيارين کي ٻارن طرفان وزني ٿيلها کڻڻ سان پيدا ٿيندڙ خطرن بابت خط لکي ڇڏيو آهي آهي. ڊي ايم ايس ڊاڪٽر نعمان ناصر پنهنجي خط ۾ وزني ٿيلهن سبب ٻارن جي ڪُلهن/ ڪنڌ ۽ چيلهه سميت جسم جي مختلف حصن ۾ سور هجڻ جي وڌندڙ شڪايتن بابت ڳڻتي جو به اظهار ڪيو آهي. ڊاڪٽر نعمان ناصر پنهنجي خط ۾ ڄاڻايو آهي ته، گذريل وڏي عرصي کان ٻارن ۾ ڪُلهي، چيلهه، ڪرنگهي ۽ ڪنڌ جي سُور جون شاڪيتون اچي رهيون هيون، جيڪي علاج خاطر صرف سرڪاري اسپتال ۾ اچي رهيا هئا. جن جو غور سان ڪارڻ معلوم ڪيو ته اُهو ڳرا ٿيلها هجڻ ثابت ٿيو آهي.

ڊي ايم ايس موجب هڪ ڊاڪٽر هجڻ جي حيثيت سان سرڪاري ۽ خانگي اسڪولن جي شاگردن طرفان وزني ٿيلها کڻڻ سان صحت بابت پيش ايندڙ مسئلن بابت ڌيان ڏيارڻ چاهيان ٿو. سندس چوڻ هو ته مان جائزو ورتو آهي ته گهڻي قدر ٻار مون وٽ ڪنڌ، ڪلهن ۽ چيلهه ۾ تڪليف جي شڪايت کڻي ايندا آهن. 5 کان 13 ورهين جي عمر وارن ٻارن جو 35 سيڪڙو انگ ڳرا ٿيلها کڻڻ سبب چيلهه ۾ سور جي شڪايت ڪندي نظر اچي ٿو. هڪ نجي ٽي وي چئن ل سان ڳالهائيندي عباسي شهيد اسپتال جي ڊي ايم ايس ڊاڪٽر نعمان ناصر چيو ته، ڪافي وقت کان 8 کان 15 سالن جي ٻارن کي اسپتال آندوپي ويو، جن کي ڪُلهي، چيلهه ۽ ڪنڌ سميت جسم جي مختلف حصن ۾ سور جي شڪايت هئي، ابتدائي طور تي ان کي عام شڪايت سمجهيو، پر جڏهن اهڙيون شڪايتو وڌڻ لڳيون ته ان کيس پريشان ڪيو. ڊي ايم ايس نجي ٽي وي سان ڳالهائيندي وڌيڪ چيو ته، هُن وڌندڙ شڪايت جو تجزيو ۽ طبي ڪارڻ جاچڻ جي جي ڪوشش ڪئي ته ان پويان ٻارڙن جي اسڪولي ٿيلهن جو وزن ثابت ٿيو آهي. هن چيو ته صرف عباسي شهيد اسپتال ۾ 300 کان وڌيڪ اهڙا ٻارڙا آيا جن کي سور جي شڪايت هئي، لازمي طور تي ٻين سرڪاري توڙي نجي اسپتالن ۾ به اهڙين شڪايتن سبب ٻارڙا علاج خاطر آيا هوندا.

ڊاڪٽر نعمان ناصر اختيارين کي لکيل خط ۾ درخواست ڪئي آهي ته ٻارن جي ٿيلهن ۾ وزن گهٽ ڪرڻ لاءِ قدم کنيا وڃن ۽ هڪ اهڙو نظام ترتيب ڏنو وڃي، جنهن سان ٻار ٽائيم ٽيبل جي حساب سان روز مخصوص ڪتاب کڻي اسڪول وڃن، گڏوگڏ هن اها تجويز به ڏني آهي ته اسڪولي ٿيلهي جو وزن ان طريقي سان به گهٽ ڪري سگهجي ٿو ته شاگردن کي گهٽ کان گهٽ هوم ورڪ ڏنو وڃي يا وري اسڪولن ۾ لاڪر ٺاهيا وڃن، جتي ٻار حفاظت سان اضافي ڪتاب رکي سگهن.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *